آبشار جو هڪ نمونو

آبشار جو هڪ نمونو

آبشار

آبشار: جبل جي مٿانھينءَ کان ڪـِرندڙ پاڻي. آبشار جي انھيءَ زورائتي ڪـِرڻ واري عمل تحت بجلي پيدا ڪئي ويندي آھي. آبشار جا ٻه قسم ٿيندا آھن: ھڪ اھو، جيڪو بلنديءَ کان ھيٺ ڪري ٿو ۽ ٻيو اھو جيڪو درياهه جي تيز پاڻيءَ جيان وھندو آھي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ننڍا وڏا آبشار موجود آھن ۽ ڪٿي ته مصنوعي آبشار به تيار ڪيا ويا آھن. قدرتي ۽ مصنوعي آبشار ماڻھن جي تفريح لاءِ دلچسپ ٿين ٿا. دنيا جو وڏي ۾ وڏو آبشار ”اينجل“ آھي، جيڪو وينزويلا ۾ آھي، ۽ 3212 فوٽن جي بلنديءَ تان ھيٺ ڪري ٿو؛ جڏھن ته دنيا جو ويڪرو ۽ تيز آبشار ”گوئيرا“ آھي، جيڪو برازيل ۽ پيراگوئي ملڪن جي وچان لنگھي ٿو. آمريڪا ۽ ڪيناڊا جي گڏيل سرحد تي ’نياگرا‘ جو آبشار آهي، جيڪو تمام خوبصورت آهي. سنڌ ۾ ڪابه اھڙي جابلو ندي ڪانھي، جنھن جو پاڻي آبشار جي صورت وٺي. کيرٿر جبل ۾ ڪٿي ڪٿي ننڍا ننڍا آبشار آھن. البت ڪراچيءَ جي ويجـهـو ”کڏيجي“ ڳوٺ وٽ ھڪ نئن مان ٿوري مقدار ۾ دائمي وھندڙ پاڻي 30-25 فوٽن جي اوچائيءَ تان ڪري، آبشار ٺاھي ٿو.


لفظ آبشارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو