روهڙي سکر کي ملائيندڙ لينسڊائون پُل

روهڙي سکر کي ملائيندڙ لينسڊائون پُل

پل

پُل: ڪنهن درياهه، نديءَ يا واهه جي مٿان لنگهڻ لاءِ جيڪو رستو خاص ڪري ريل گاڏين يا موٽر گاڏين ۽ ماڻهن جي گذرڻ لاءِ ٺاهيو ويندو آهي، اُن کي’پُل‘ چئبو آهي. آڳاٽي وقت ۾ سڌا تختا رکي پل ٺاهي ويندي هئي، پوءِ سرن جا ٿنڀا ٺاهي مٿان ڇت وجهندا هئا، ان کان پوءِ وڏن ڪلن جو استعمال ٿيڻ لڳو ۽ سڀئي پليون سرن يا پٿرن سان ٺهڻ لڳيون. پراڻي قسم جي پلين ۾ ڪشمير جي سري نگر جون پليون عمدو مثال آهن. موجوده دور جي پلين ۾ سکر واري پل، پوريءَ دنيا ۾ بينظير مثال آهي.
جابلو کاهين جي مٿان رسن جون پليون ٺاهيون وڃن ٿيون، جنهن ۾ هيٺ مٿي آرپار ڏور سان رسا ٻڌا ويندا آهن. پار ڪرڻ وارو مٿئين رسي کي پڪڙي، هيٺئين رسي تان هلندو ٻئي پار پهچي ويندو آهي.
سنڌ ۾ جيڪي مشهور پليون آهن، تن ۾ سکر واري لئنسڊائون پل، ايوب پل، گدو ۽ ڪوٽڙي واريون پليون، دو واري مهراڻ ريلوي پل، سکر بئراج واري (دروازن واري) پل ۽ گڊو بئراج پل شامل آهن. ڪوٽڙيءَ وٽ ڪوٽڙي بئراج واري پل، دادو-مورو پل ۽ سجاول واري پل، اهي درياهي پليون آهن. پهريون چار لوهي پليون آهن: باقي ٻيون سيمنٽ ۽ سرن واريون پليون آهن.


لفظ پلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو