ڏور

ڏور: ’ڏور‘ ۽ ’ڳجهارتون‘ سنڌ جي سگهڙن ۽ عوام جي وندر ۽ ورونهن جو هڪ دلچسپ ۽ محبوب مشغلو آهن. قدامت جي لحاظ کان ’پروليون ۽ ڳجهارتون‘ سنڌ جي سگهڙپائيءَ جو هڪ آڳاٽو نمونو آهن، جن جي ڀيٽ ۾ ’ڏور‘ نسبتاً پوئين ويجهي دور جي پيداوار آهي، جڏهن کان هڪ طرف عوام ۾ اسلامي تاريخ جون روايتون ۽ انهن سان گڏ نبين جا معجزا ۽ اصحابن، امامن، ولين ۽ درويشن جون حڪايتون رائج ٿيون. ٻئي طرف تصوف ۽ سلوڪ جي لحاظ سان ’مجازي‘ ۽ ’حقيقي‘ معنيٰ جو تخيل پيدا ٿيو ته سنڌ جي صوفي شاعرن، پنهنجن بيتن کي ’تمثيل‘ جي قالب ۾ سموهيو. يعني بيتن جي مجازي (ظاهري) مضمون کي سنڌ جي عام قصن ۽ ڪهاڻين جي تاڃي پيٽي ۾ آندائون . . . ’تمثيل‘ وارو معنوي پهلو، پوءِ سگهڙن جي بيتن جو مرڪز ۽ محور بنيو، جن کي ’ڏور‘ سڏيو ويو.
ڏور جي هيئت ۽ معنيٰ: معنوي سٽاءَ جي خيال کان عام پرولي، ڳجهارت ۽ ڏور ۾ هڪ خاص فرق هي آهي ته عام پروليتشبيهه‘ ۽ ’استعاري‘ تي سٽيل آهي. ڳجهارت جي اڏاوت ’تجنيس‘ ۽ ’تلميح‘ تي بيٺل آهي ۽ ’ڏور‘ جي عمارت خاص طرح تمثيل تي اڏيل آهي. قالب ۽ هيئت جي لحاظ سان پروليون ۽ ڳجهارتون اڪثر ننڍن فقرن، جملن يا بيتن جي صورت ۾ سٽيل آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ ’ڏور‘ جو مستقل قالب ’بيت‘ آهي. ان ڪري سگهڙ ڪچهريءَ ۾ جڏهن چوندا آهن ته ’ادا، بيت ڏي‘ معني: ’ڏور ڏي‘.
پرولي ۽ ڳجهارت، هڪ ڌڪ سان ادا ٿئي ٿي، پر ’ڏور جو بيت‘ هڪ ڌڪ سان نه ڀڄندو، پر ’بيت جو بيان‘ ڪرڻو پوندو آهي.
سڄاڻ سگهڙن ’اصل ڳالهه‘ جو دائرو، نبين، اصحابن، امامن ۽ ولين جي سوانح جي واقعن، معجزن، ڪرامتن ۽ ڪرشمن تي رکيو آهي، ۽ ظاهري طرح انهن کي سنڌ جي عام مشهور قصن، داستانن جي ٽاڻن، اهڃاڻن تان روزمرهه جي زندگيءَ جي ڪمن ۽ وهنوارن ذريعي ادا ڪرڻو پوندو آهي. ڏور جي قسمن ۾: (1) قدرت، (2) سوا لک، (3) پنجتن،
(4) امامت، (5) وليت جا قسم اچي وڃن ٿا. ڪي ڏور ٻين شخصيتن يا واقعن بابت به هوندا آهن. ’ڏور‘ کي ڳولڻ ڏکيو هوندو آهي، ان ڪري چوندا آهن ته ’ڏور آهي شهزور‘- اڻپڙهيل سگهڙ ڪيتريون اڻ تصديق ٿيل ڳالهيون ۽ واقعا به بيان ڪندا آهن. بهرحال هي سگهڙيائيءَ جي هڪ اهم صنف آهي. هيٺ صرف هڪ مثال ’قدرت‘ جي ڏور جو، ۽ ان جي ڀڃڻي ڏجي ٿي:
ڏور بيت:
مومل تڏهن ملي، جڏهن راڻو ڏسن راڄ،
جڏهن ڏسن سونهن سوڍي جي، تڏهن ڪامل ڪن ڪاڄ،
پوءِ خوشيون ڪن کاڄ، مهل انهيءَ ميهار چئي.
هن ڏور جي ڀڃڻي: ’عيد جو چنڊ ۽ عيد‘ آهي.


لفظ ڏورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو