سنج

سنج

سنج

سنج: سنج، گھوڙي تي سواري ڪرڻ لاءِ رکبا آهن. جيئن گڏهه جا آٿر ۽ اٺ لاءِ پلاڻ لفظ ڪتب آندو وڃي ٿو. ائين گھوڙي کي تيار ڪرڻ لاءِ مٿس سنج رکبا آهن. سنجن ۾ هنو، ٿڙها، تل، دبنجي، تنگ ۽ لغام اچي وڃن ٿا. هنر، لوهه يا پتل جي جي پترن کي خوبصورت انداز ۾ ڪاٺ جي فريم تي مڙهي ٺاهبو آهي. ڪاريگر ان تي گلڪاري به ڪندا آهن. پويان کان اڳ تائين هني ۾ جيڪو چمڙو سوار جي ويهڻ لاءِ لڳايو ويندو آهي، انهيءَ کي ڇل يا مڙدو چئجي ٿو. جڏهن ته هني ۾ ٻنهي پاسن کان ٻه ٻيڻا چمڙي جا مضبوط پٽا وجھبا آهن، جن کي دوال چيو ويندو آهي. انهن تي پير رکڻ لاءِ لوهه جا فريم وجھبا آهن، جن کي رڪيب چئبو آهي. تل ۽ هني جي وچ ۾ يعني تل جي مٿان ۽ هني جي هيٺان تڙها رکبا آهن. هي چمڙي ۽ ڪپڙي جي مدد سان ٻن الڳ الڳ حصن تي مشتمل ٿين ٿا. تڙهن جي ڪپڙي ۽ چمڙي جي ڏور سان پاڻ ۾ ٻنهي طرفن کان ملائي ڳنڍجي ٿو. ڪپڙي ۽ چمڙي جي وچ ۾ ڪپهه، ڪاٺ جو ٻورو، بهه يا ڪاغذ ۽ گتي جي ڪتر ڀريل هوندي آهي، جيئن اهي هلڪا ۽ نرم رهن. گھوڙي تي سنج رکڻ بابت ماضيءَ جي ٻاراڻي نصابي ڪتاب ۾ هڪ ٻاراڻي گيت ’مٺڙا گهوڙا اوري آءُ‘ ۾ به ذڪر هو، جنهن کي ٻار ڏاڍي چاهه سان پڙهندا هئا:
جڏهن شام جا وڄندا پنج،
توتي رکندس سهڻا سنج،
ٻـالـڪـ چـــونـدا ڊوڙو ڊوڙو،
ڏسو ڪڪي جو سهڻو گھوڙو!
جڏهن ته شيخ اياز جي هڪ ٽيڙوءَ ۾ به سنجن جو ذڪر هن ريت ملي ٿو:
اچ ويهه گھڙي ڀرسان،
مـون سـنج وڌا گھـوڙي،
تو لاءِ پيـو تـرسـان.
تل: گهوڙي جي سنجن ۾ هي سڀ کان وڌيڪ اهم شيءِ ٿئي ٿي، جيڪا وڌيڪ محنت سان ٺاهي ويندي آهي. تل ڏاس، پشم، يا اٺ جي ملس مان ڏاڍي محنت سان ٺاهين ٿا. ڪاريگر هڪ قسم جو کونئر ڄمائي، ٻنهي پاسن سان (ٺونٺ کان ڪرائيءَ واري حصي جي زور سان) ان کي ملين ٿا، جنهن سبب سندن جي ٻانهن جا وار به لهي پوندا آهن ۽ کل ڦاٽي پوندي آهي. تل جو ڪم سنڌ ۾ اڳي به تمام گھٽ ڪاريگر ڄاڻندا ۽ ڪندا هئا، تل جي مٿئين پاسي پشم سان خوبصورت گلڪاري پڻ ٿيندي آهي. آخر ۾ تل جي مٿئين حصي کي ڪاٺيءَ جي سخت مترڪي سان گھڻو سٽبو آهي، جيئن تل پنهنجي جاءِ تي ڄمي وڃي.
تنگ: هني مان ڇل مڙدي هيٺان ٻاڙي کن ويڪر وارو پٽو، جيڪو چمڙي ۽ ڪپڙي سان ٺاهيو وڃي ٿو، مٽائي ٿڙن ۽ تل مٿان گھمائي هڪ طرف کان لوهه جي ٻن هڪن ۾ چمڙي جي پٽيءَ سان ٻڌي، سنجن کي مضبوطيءَ سان جھلڻ واري ان پٽي/بئلٽ کي تنگ چيو ويندو آهي. سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي به پنهنجي شاعريءَ ۾ تنگ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
تنگ، مهارون، توٻرا، بيٺا جت جوڙين
يا وري:
تنگن ڏيئي تاڻ، پنهون نيائون پاڻ سين.


لفظ سنجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو