بهه يا بيهه

بهه يا بيهه

بهه

بِههَ: پٻڻ جي ول جون سوراخدار پاڙون، جيڪي ڀاڄيءَ طور رڌي کائبيون آهن. انهن کي بِههَ سڏبو آهي. هيءُ خريف جي مند جو فصل آهي، جنهن کي گرم ۽ خشڪ آبهوا جي ضرورت هوندي آهي. بِههَ سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندا آهن ۽ عام طرح ڍنڍن جي پيداوار آهن. ڍنڍن جي پيدائش ۾ ڪُم، ڪُوڻيون، بِهه، پٻڻ، پَن، پاٻوڙا ۽ لوڙهه وغيره ٿيندا آهن، پر انهن ۾ بِهه ۽ پاٻوڙا مشهور آهن، جن کي سنڌ جي شاعرن به ڳايو آهي. هن فصل جي پيداوار ۾ اتر سنڌ جون ڍنڍون ۽ لاڙ ۾ ڪينجهر، سونهري ۽ هاليجي ڍنڍون مشهور آهن. سڄي لاڙ ۾ ساريالي فصل جي بيٺل پاڻيءَ ۾ به اهي شيون پيدا ٿين ٿيون. بِهه اصل ۾ پٻڻ جون پاڙون آهن، جيڪي پٻڻ ول جي مند ختم ٿيڻ بعد ڍنڍن جي ترن مان ڳولي ڪڍبيون آهن. بِهن ۾ 7 يا 9 سوراخ ۽ اُنهن ۾ وارن وانگر سنهڙا تاندورا ٿيندا آهن، جيڪي بِهه جي ڳر کي مضبوط ڪندا آهن. بِهن جي ڀاڄي لذيذ ۽ مزيدار ٿيندي آهي. اُهي جدا به رڌبا آهن ته گوشت، مڇي، پالڪ ۽ ٻين ڀاڄين سان گڏ به رڌبا آهن. ماموئي فقيرن جي بيتن ۾ به بِهه جو ذڪر ٿيل آهي:
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بِهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.
هيءُ فصل دادوءَ ضلعي جي ميهڙ تعلقي ۾ وڏي پيماني تي پوکيو وڃي ٿو. هڪ ’پاٻوڙي‘ ۾ ڇهن کان اٺ پٻڻيون ٿينديون آهن، جيڪي دراصل پٻڻ جو ٻج آهن. ٻج جو ٻاهريون تهه تمام گهڻو سخت هوندو آهي، ان کي پوکڻ کان اڳ پٿر يا لوهه جي سيخ سان ڌڪ هڻي ڀڃڻ گهرجي. تيار ٿيل زمين ۾ نهري پاڻي ڏيئي ٻج کي ڏيڍ کان ٻن فوٽن جي مفاصلي تي قطارن ۾ پوکڻ گهرجي. ٻج کي پوکڻ مهل زمين ۾ اندر ٿورو زور ڏجي ته جيئن ٻج ٻاهر نه نڪري. بهن جون ٻه جنسون عام طور تي پوکيون وڃن ٿيون: هڪ جنس جا پن ويڪرا ۽ گل وڏا ٿيندا آهن، ٻيءَ جنس جا پن پهرينءَ جنس جي پنن کان سوڙها ٿين ٿا. ويڪرن پنن واري جنس بهتر ٿيندي آهي. حڪيمن موجب طبي لحاظ کان هي وائي باديءَ کي وڃائين ٿا. پيشاب جاري ڪن ٿا؛ معدي ۽ آنڊن جي رطوبت کي خشڪ ڪن ٿا. بدن کي ٿلهو ڪن ٿا، مثاني جا ڦٽ ڇٽائين ٿا، رت جي دستن کي بند ڪن ٿا ۽ الٽين ۽ وبائي بيمارين ۾ بِههَ جو پاڻي فائدو ڪري ٿو. هن وقت اسان وٽ جيڪي بهن جا قسم آهن، انهن ۾ هڪ پنجاب جو بهه ۽ ٻيو سنڌ جو بهه آهي. پنجاب جي بهه جي اها خصوصيت آهي ته هيءُ پٻڻ جي ٽڪي گهڻي انداز ۾ ڏئي ٿو، جنهن ڪري هن قسم جو ٻج بهه گهٽ پر ٽڪيون گهڻيون ڏئي ٿو. جڏهن ته سنڌي بهه جو ٻج، ٽڪيون گهٽ ۽ بهه وڌيڪ ڏئي ٿو. کائڻ ۾ سنڌي بهه تمام سٺو ۽ بهترين ڳارُو آهي.


لفظ بههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو