پٽو

پٽو: چمڙي يا ڪپڙي جي ٿلهي پٽي. چيلهه ۾ ٻڌڻ لاءِ ڪپڙي، ريگزن يا چمڙي جي پٽي، جيڪا چوڪيدار، سپاهي يا گارڊ ٻڌندا آهن. ڪمربند يا اڳٺ طور ڪم اچڻ جو پٽو، بيل گاڏيءَ جي ڦيٿي تي چڙهيل لوهي پَٽُ، هڪ قسم جو ٻانهن ۾ پائڻ لاءِ ڳهه به پٽو سڏبو آهي، زمين جو ٽڪر جيڪو لاپي تي ڏنو وڃي، ان کي به پٽو چئبو آهي. ڀڳل هڏ تي چاڙهڻ لاءِ به ڪپڙي يا پلستر واري مادي جو پٽو ٿيندو آهي. ريل جي لوهي رستي کي به ”ريل جو پٽو“ چئبو آهي.


لفظ پٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو