پَٽُ3

پَٽُ3: سنهو ۽ مضبوط، نيم شفاف پيلاڻ مائل ريشو(تاندورا)، جيڪو پٽ ڪينئين ذريعي تيار ٿيندو آهي، جيڪو توت جي وڻ جو ڪينئون آهي، چين ۽ هندستان ۾ شاهه بلوط جي وڻ تي پرورش وٺندڙ ڪينئان گهٽ قيمت وارو پَٽُ (ريشم) ٺاهيندا آهن. ڪنهن زماني ۾ پٽ ڪينئن جي پالنا ۽ پٽ جي ڪپڙي جي اڻاوت جو ڪم چين ۾ ٿيندو هو، ان بعد دنيا جي ٻين ڪن ملڪن ۾ هن هنر جي واڌ ٿي.پَٽ تيار ڪرڻ لاءِ پٽ ڪينئن جي کوپن کي ٻاڦ سان نرم ڪيو ويندو آهي، ان کان پوءِ کوپن کي کولي، تاندورن کي تند جي شڪل ۾ آندو ويندو آهي. هڪڙي کوپي مان هڪ هزار فوٽن جي ڊگهي تار حاصل ٿيندي آهي، انهيءَ تار کي پوءِ ٻيڻو يا چؤڻو ڪري ضرورت مطابق ڌاڳو ٺاهيندا آهن، جنهن جو اصل رنگ پيلاڻ مائل ٿيندو آهي، پر اوڄي لاءِ جدا جدا رنگ ڪم آڻيندا آهن. سنڌ ۾ وڏي پئماني تي مياڻي ٻيلي (ضلعي حيدرآباد) ۾ پٽ ڪينئان پالبا آهن، جن مان بهترين قسم جو پٽ حاصل ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو