چوٽوکو

چوٽوکو: هي ماڳ69012 50'' اوڀر، 27035 05'' اتر ڊگرين تي ڳوٺ چوٽوکو تعلقي روھڙي، ضلعي سکر جي هڪ وارياسي پٽ تي آهي، جنھن جي ماپ اوڀر- اولهه ڊيگهه 333 ميٽر ۽ اتر- ڏکڻ ويڪر 200 ميٽر آھي. ھي ماڳ ڳوٺ واس کان ٻه ڪلو ميٽر اتر اوڀر طرف، ڳوٺ لنڊرو جي ڏکڻ- اولهه ۾ ڏيڍ ڪلوميٽر ۽ روھڙيءَ کان ڏکڻ- اوڀر 41 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي آھي. هتان مليل وٿن ۾ پٿر جون ڪورون ۽ ٺڪراٺو مليو آھي. جيڪو سنڌو تھذيب جي ڳاڙهي ٿر تي ڪاري ليڪي واري سڃاڻپ رکي ٿو. ٺڪراٺي ۾: ڪنا، چلمون، پاٽوڙا، چاڏيون وغيره ملن ٿيون. ڪن ٺڪرن تي ڪارو پٽو ۽ گھاٽيون ڪاريون لڪيرون به آھن. ھي ماڳ پٿر واري دور کان سنڌو تھذيب تائين جي وٿن سان ڀريل آھي.


لفظ چوٽوکوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو