چمڙو3

چمڙو3

چمڙو3

چمڙو3

چمڙو3

چمڙو3

چمڙو3

چمڙو3: چمڙو پکي به سڏجي ۽ ٿڻائتو جانور (مماليه) به آهي. پکي ان ڪري، جو هي پرن سان اُڏامي ٿو ۽ کير پياڪ جانور ان ڪري، جو ٻچن کي ٿڃ پياريندو آهي ۽ مماليه جون ٻيون سموريون خوبيون هونديون اٿس. مثلاً: ظاهري ڪن وغيره. چمڙي کي اردوءَ ۾ چمگادڙ، انگريزيءَ ۾ Bat چون. چمڙو اُڏامندو به آهي ته پنهنجن پيرن سان ڀتين، ڇتين ۽ لاٽڻن تي تي چنبڙي بيهندو به آهي ۽ هوريان هوريان مٿي کسڪندو ويندو آهي. ڪڏهن پيرن کي ويڙهي، صرف پرن جي وسيلي پنڌ ڪندو آهي. ننڍا چمڙا اڏامڻ ۾ ڦڙت ۽ تيز هوندا آهن، پر وڏا چمڙا تيزيءَ سان اڏامي نه سگهندا آهن. عام طرح چمڙو ابابيلن وانگر هڪ سيڪنڊ ۾ ڏهه دفعا پَر هڻي سگهندو آهي.
چمڙي جي پيرن ۾ ڏهه مضبوط ننهن هوندا آهن، جن وسيلي هو ڇت جي پٽين، يا ڪامن ۾ سولائيءَ سان ابتو لٽڪي پوندو آهي ۽ اتي آرام ڪندو آهي. هن جي پيرن جون مشڪون مضبوط ٿينديون آهن. جڏهن هو سيخن ۾ لڙڪڻ چاهيندو آهي، تڏهن سندس چنبو ڪلف کان به وڌيڪ مضبوط رهندو آهي. اهڙيءَ طرح مٿس ننڊ طاري ٿي ويندي آهي.
چمڙو ڪڏهن به سڌيءَ طرح نه اڏامندو آهي، پر ورن وڪڙن سان فضا جي بلندين ڏانهن رُخ ڪندو آهي. چمڙو تيز حواس رکي ٿو. رات جي اونداهين ۾ ڏنگي ڦڏي طريقي سان اڏامڻ ڪري به هو ڪنهن شيءِ سان ٽَڪر نه کائيندو آهي.
اٽليءَ جي رهاڪو، علم حيوانات جي ماهر ايس. ڊلانزاني مشاهدي خاطر هڪ چمڙي کي جهلي ان جون اکيون ڪڍي هڪ اهڙي اونداهي ڪمري ۾ ڦِٽو ڪيو، جنهن ۾ ڏورين ۽ رسين جون ڪيتريون رڪاوٽون هيون. انڌو چمڙو برابر هڪ ڪلاڪ ان ڪمري ۾ اڏامندو رهيو، پر ڪنهن به رسيءَ سان هڪ ڀيرو به نه ٽڪريو. ان ڪري ڊلانزانيءَ اهو خيال قائم ڪيو ته قدرت چمڙي کي ڇهين حِس به عطا ڪئي آهي.
هڪ ٻئي ماهر چمڙي جا ڪن ڪَٽي ڇڏيا، جنهن بعد چمڙو اُڏامي نه سگهيو ۽ ڀتين سان ٽَڪر کائيندو رهيو. 1941ع ۾ ٻن آمريڪين: لي پرسن ۽ آلفين، چمڙي جي اکين ۽ ڪنن کي ڪيميائي دوا سان بي حس ڪري هڪ تجربو ڪيو، جنهن مان ثابت ٿيو ته چمڙو اُڏامڻ وقت پنهنجي نڪ يا وات مان پنجاهه کان سٺ هزارن تائين ننڍيون لهريون منتشر ڪري ٿو. اهي لهرون سندس اڳيان فضا ۾ رڪاوٽن ۽ شين سان ٽڪرجي تيزيءَ سان واپس اچي. چمڙي جي ڪنن سان لڳن ٿيون، جن وسيلي هو پنهنجو رستو سڃاڻي ٿو. اهڙي قسم جي ٻُڌڻ کي Echolocation چئبو آهي ۽ اها خاصيت سمورن قسمن جي چمڙن ۾ ڏٺي وئي آهي.
چمڙا ٻن قسمن جي ننڊ ڪندا آهن. هڪ گرميءَ جي ننڊ ۽ ٻيءَ سرديءَ جي ننڊ. گرميءَ ۾ جڏهن چمڙي کي بُک لڳندي آهي تڏهن جاڳندو آهي ۽ شڪار جي تلاش ۾ نڪرندو آهي. سرديءَ يا بارش يا طوفان جي حالت ۾ چمڙي کي گهَري ننڊ ۽ بي هوشي طاري ٿي ويندي آهي. جڏهن سندس اک کُلندي آهي، تڏهن ويهن منٽن تائين ان کي ڪا به شيءِ نظر نه ايندي آهي ۽ نه ئي وري اُڏامي سگهندو آهي. سياري ۾ چمڙن جي ننڊ چئن مهينن تائين به هلندي آهي.
چمڙو هڪ منٽ ۾ سئو دفعا ساهه کڻي ٿو، پر بي هوشيءَ يا ننڊ جي حالت ۾ هو پنجاهه کان اسي دفعا ساهه کڻي سگهندو آهي.
چمڙي جي غذا جيت، جيوڙا ۽ عام ٻوٽيون ۽ ڦل آهن. کاڌي ۽ خوراڪ جي آڌار چمڙن کي هيٺين قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
جيتن کائڻ وارا چمڙا: هي چمڙا ننڍي قد جا ٿيندا آهن، هنن جو تعداد ٻين چمڙن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي.
ميوا کائڻ وارا چمڙا: هي چمڙا گهڻو ڪري جهنگلي ميون تي گذر ڪندا آهن، پر ڪجهه انسان جي کائڻ وارن ميون تي به حملو ڪندا آهن ۽ رات رات ۾ فصل تباهه ڪريو ڇڏين.
گلن کائڻ وارا چمڙا: هي چمڙا گل کائيندا ۽ گلن جو رس چوسيندا آهن. هي قد جا تمام ننڍا هوندا آهن ۽ هنن جو مٿو چهنبيدار ۽ زبان جون پڇڙيون برش وانگر هونديون آهن.
رت پياڪ چمڙا: هن قسم جا چمڙا پنهنجي شڪار تي ان مهل حملو ڪندا آهن، جڏهن اهو ننڊ ۾ هوندو آهي. هي پهرين شڪار جي بدن ۾ سوراخ ڪندا آهن ۽ پوءِ ان جو رت پيئندا آهن. هنن جي پيدا ڪيل زخم ۾ بيماريون پيدا ٿينديون آهن ۽ جانور مري ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڇتائپ وارو Rabies وائرس به پکڙبو آهي.
گوشت خور چمڙا: هنن چمڙن جو گذران ننڍن پکين، سُرڻن ۽ ڏيڏرن وغيره تي هوندو آهي.
مڇي کائيندڙ چمڙا: هي چمڙا پاڻيءَ مٿان اڏامندي پنهنجي پيرن سان مڇي جهلي کائيندا آهن. هنن جا پير طاقتور هوندا آهن ۽ انهن جي پڇڙين ۾ هُڪ (Hook) وانگر چنبا هوندا آهن. چمڙو پنهنجي غذا کي آهستي چٻاڙي کائيندو آهي. اهي چمڙا جيڪي گاهه ۽ گل کائيندا آهن، رات جو ميڙ جي صورت ۾ ساون وڻن تي وڃي ويهندا آهن، ۽ صبح تائين ان جا سڀ پن ۽ گل ختم ڪري ڇڏيندا آهن. جيڪي چمڙا گلن جي رس تي گذر ڪندا آهن، تن جي زبان وڏي ۽ نوڪدار ٿيندي آهي. ڪن ملڪن ۾ 30 سينٽي ميٽرن واري زبان وارا چمڙا به ڏٺا ويا آهن.
دنيا ۾ اڄ تائين 432 قسمن جا چمڙا ڏٺا ويا آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ’خوني چمڙو‘ آهي، جو آمريڪا ۽ پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽن تي رهي ٿو. عام طرح چمڙا غارن، ڦِٽل ۽ ويران جڳهن ۽ کوهن ۾ رهندا آهن. ڪن ٿورن قسمن کانسواءِ ٻيا اڪثر قسمن جا چمڙا ٽولن ۾ رهڻ يا اڏامڻ پسند ڪندا آهن. چمڙو رات جو اڏامي سگهي ٿو، پر ڏينهن جو بلڪل انڌو هوندو آهي ۽ سج جي روشنيءَ ۾ ڏسي نه سگهندو آهي. اڪثر گهڻائيءَ ۾ وڻن ۾ لٽڪيا پيا هوندا آهن. چمڙي جي مادي 44 کان 64 ڏينهن تائين حمل ترسائي ٿي. سرديءَ وارن ڏينهن ۾ 100 ڏينهن تائين به حمل ترسي ٿو. هر مادي سال ۾ هڪ ٻچو ڏئي ٿي. چمڙن جا ڪجهه قسم هيٺ ڏجن ٿا:
وڏن ڪَنن وارو ناسي چمڙو: east Pipistrelle/ Pipistrellus tenuis/): هن ننڍڙي بت واري چمڙن جي پٺي گهري ناسي، پيٽ هلڪو ناسي ۽ ڪَن وڏا ۽ ويڪرا ٿين ٿا. هي چمڙا ڏرڙن، وٿين ۽ گهرن ۾ پراڻن سوئچ بورڊن ۽ ڳڙکن ۾ رهندا آهن. هي شام جو ٻاهر نڪرندا آهن ۽ صبح جو اڪثر پنهنجي رهائش واري هنڌن تي لِڪي ويندا آهن. هن چمڙي جي مادي جيتن جي شڪار مهل پاڻ سان ٻچا به کڻي نڪري ٿي. ڪيئي چمڙا گڏجي آرام ڪندا آهن.
ميوي خور، لومڙي نما چمڙو:/Pteropus giganteus) IndianFlyingfox): ھيءُ چمڙي جو هڪ قسم آهي، جيڪو ٻين عام چمڙن جي ڀيٽ ۾ وڏو ٿئي ٿو. هـيءُ قـد بـت ۾ عام ڪانو جيترو ٿـيـندو آھي. هـن جا پَـر ڪارا ۽ ڪَن لسا ٿيندا آھن. ھن چمڙي جو دوناڙ لومڙيءَ جھڙو آھي، جنھنڪري هن کي ’اڏامندڙ لومڙي‘ به چوندا آھن. هن جي مٿي ۽ ڪنڌ وٽ ادرڪي رنگ جا ڳاڙھا بُج ٿيندا آهن. هن جي پُٺيءَ جي مٿئين حصي تي ٿلھو ھيڊو ناسي پٽو ۽ ھيٺئين حصي تي ذري گھٽ صفا ڪاري بَج ھوندي آھي. ھن چمڙي جي پَـرن جي پکيڙ 116 کان 134 سينٽي ميٽر (64 کان 53 انچ) ٿيندي آھي. هن چمڙي جي آڱوٺي جي ماپ 56. سينٽي ميٽر هوندي آهي، جڏهن ته پَـرن جي ٻئي پور تي ٻيو چنبو ھوندو اٿس. هيءُ وزن ۾ لڳ ڀڳ 60 گرام ٿئي ٿو.
لومڙيءَ جي شڪل وارا ھي چمڙا کليل ماحول ۾ وڏن وڻن تي ابتو لڙڪي رهڻ پسند ڪندا آھن، هي گڏ رهڻ دوران ڏاڍو شور ڪندا رهندا آھن ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ پاڻ ۾ تڪرار اٿن. هنن مان هر ڪو وڻ جي مٿئين حصي تي آرام ڪرڻ چاهيندو آهي. ان ڪري پاڻ ۾ وڙهندا رهندا آهن. اونھاري ۾ بھتر خطن ڏانھن لڏپلاڻ ڪن ٿا. عام طور سياري جي موسم ۾ گدامڙي، پِپر ۽ بَڙ جي وڻ تي رهڻ کي ترجيح ڏيندا آھن.
ھي چمڙو سنڌ جي کيرٿر جبل سميت سڄي پاڪستان ۾ ٿئي ٿو. هن چمڙي گذريل ڪجھه سالن کان سنڌ جي ميداني علائقن جو رخ ڪيو آهي، جنھنڪري ميون جا باغائي ھن چمڙي جي حملن کان پريشان هوندا آھن ۽ ان کي منهن ڏيڻ جون ترڪيبون ڳوليندا آھن. ھي چمڙا شام جي وقت ميويدار باغن تي حملو ڪندا آھن ۽ باک ڦُٽيءَ مهل واپس ٿيندا آهن. اھڙن باغن جي کوج ۾ 15 کان 30 ڪلوميٽرن جي پرواز به ڪندا آھن. اُڏامندڙ لومڙي ميوي جي وڻ تي هڪ چنبو کُپائي لڙڪي پوندي آهي ۽ ٻئي چنبي سان ميوو جهلي وڏا وڏا ٽُڪر ڪري کائيندي آهي.
هي چمڙو مارچ اپريل ڌاري افزائش نسل ڪندو آهي. حڪيم هن چمڙي جي کل مان ڪُشتا ٺاھيندا آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو