چٻرو (Owl)

چٻرو (Owl)

چِٻرو شاھي، گُگهه (Eagle Owl/ Bubo bubo

چِٻرو شاھي، گُگهه (Eagle Owl/ Bubo bubo

يوريشيائي ننڍو گگهه (Eurasian Scops Owl/ Otus scops): 25

يوريشيائي ننڍو گگهه (Eurasian Scops Owl/ Otus scops): 25

چٻرو، چُغل، چغد (Spotted Owlet/ Athene brama)

چٻرو، چُغل، چغد (Spotted Owlet/ Athene brama)

چٻرو

چٻرو (Owl): چٻ جي نر کي چٻرو چئبو آهي. هيءُ هڪ شڪاري پکي آهي. هن پکيءَ جا 200 کان وڌيڪ قسم ملن ٿا. هر قسم جا چٻرا تنهائي پسند ڪندا آهن ۽ اڪثر رات جو نڪرندا آهن. چٻرو پاڻ کان ننڍا پکي شڪار ڪري کائيندو آهي. هن جا ڪجهه قسم مڇي به کائيندا آهن. ائنٽارڪٽڪ کان سواءِ هي پکي دنيا جي هر حصي ۾ ملن ٿا. چٻري جون ٻئي اکيون ۽ ڪن منهن جي بلڪل

سامهون ٿيندا آهن ۽ ان جي چهنب ’باز‘ جهڙي ٿيندي آهي. چٻرن جي نظر تمام پري ويندي آهي، ان ڪري ڪجهه انچن جي مفاصلي تي ويجهيون شيون ڏسي نه سگهندا آهن، پر سندن پري جي نظر تيز هئڻ ڪري گهٽ روشنيءَ جي باوجود شيون واضح طور ڏسي سگهندا آهن. چٻرو پنهنجو آکيرو نه ٺاهيندو آهي، پر غارن، بٺن يا ڪنهن پراڻي جاءِ يا ڇت وغيره جي هيٺان رهندو آهي. گهڻا چٻرا رات جو گهمڻ ۽ شڪار ڪرڻ پسند ڪندا آهن، پر ڪجهه اهڙا به قسم آهن، جيڪي ڏينهن جي وقت نڪرندا آهن. ڪن مشرقي ثقافتن ۾ چٻري کي منحوس ته ڪن مغربي ثقافتن ۾ عقلمند سمجهيو ويندو آهي.
چِٻرو شاھي، گُگهه (Eagle Owl/ Bubo bubo): هيءُ چٻري جو هڪ اهم قسم آهي، جيڪو جسامت ۾ 60 سينٽي ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. هن چٻري جا نر ۽ مادي هڪجهڙا ٿين ٿا. سندن جسم وڏو، رنگ گهرو ناسي، کنڀن تي چِٽ ۽ لينگها، ڪَن اُڀا، وڏيون گول نارنگي اکيون ۽ ٽنگن تي گهاٽا ٿيندا آهن. بي آواز اڏامندو آهي ۽ سندس ڪوڪ ٻن مرحلن ۾ ٻڌبي آهي. انڪري هن چٻري کي سنڌيءَ ۾ ’گگهه‘ به چوندا آهن. ويران خِطن ۽ هلڪي وڻڪار وارن علائقن سان گڏ سڪل ڍورن ۽ ٽڪرين تي ڏسبو آهي، اڪثر رات جو نڪرندو آهي. هيءُ ريگستاني/ وارياسن ميدانن جي ماحول سان تعلق رکندڙ پکي آهي.
يوريشيائي ننڍو گگهه (Eurasian Scops Owl/ Otus scops): 25 سينٽي ميٽر جسم رکندڙ هن پکيءَ جا نر ماد هڪجهڙا ٿيندا آهن. هي هڪڙا هلڪا سرمائي ناسي (ڀورا ڪٻرا) ۽ ٻيا گهري رنگ جا ٿيندا آهن. ٻنهي رنگن ۾ هي ننڍو گگهه پکي سامهون موجود هوندي به نظر نه ايندو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس رنگ ڪاٺ جي ڇوڏي جهڙو ٿيندو آهي. ويٺل حالت ۾ اڪثر اُڀو محسوس ٿيندو آهي، ڪَن اُڀا هوندا اٿس. جسم ۾ ڪٻر کان ڪجهه وڏو ٿئي ٿو. هن گگهه جي پيٽ جو رنگ ڪجهه هلڪو هوندو آهي، جنهن تي لينگها ۽ ننڍا چِٽ ٿيندا آهن. هي رات جو ڏسبو آهي ۽ ڏينهن جو نظر نه ايندو آهي. هي چٻرو لاڳيتن وقفن سان هڪ-آوازي هُوڪ ڪندو آهي. هيءُ ٽاڪرو علائقي جي ماحول جو پکي آهي.
چٻرو، چُغل، چغد (Spotted Owlet/ Athene brama): چٻري جو هيءُ قسم چغل سڏبو آهي ۽ بت ۾ 20 سينٽي ميٽر ڊگهو هوندو آهي. هن جا نر توڙي مادي هڪجهڙا ٿين ٿا. هن جي کنڀن تي اڇا ٽٻڪا ٿيندا آهن. سندس رنگ سرمائي ناسي ٿيندو آهي ۽ پيٽ جا کنڀ ڌاريدار هوندا آهن. چغل جون اکيون گول ۽ هيڊيون ٿينديون آهن. چغل عام چٻرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪو اڪثر عمارتن، ڳوٺن ۽ باغن ۾ بيٺل پراڻن وڻن جي پورن ۾ نظر ايندو آهي. جيڪڏهن هن جي آرام ۾ خلل وجهبو آهي ته ڏسندڙ شخص کي خار مان گھوري ڏسندو آهي. عجيب نموني اُلرون ڪندو ۽ گُـھتون ھڻي ڏيکاريندو آهي ۽ پوءِ پنهنجي مخصوص انداز ۾ اڏامي ويندو آهي. هيءُ کيتن، نخلستان ۽ آباديءَ واري ماحول جو پکي آهي.


لفظ چٻروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو