حمل

حمل (اميدواري: Pregnancy): هر عورت جي ڳڀيرڻ (ٻچيداني: Uterus) جي ٻنهي پاسن کان هڪ هڪ چئن انچن جي ڊگهي نالي ٿئي ٿي، جنهن کي ٻيجڻي/ ڳڀ نالي (Fallopian / Uterine Tube) چئجي ٿو، ناليءَ جي مهڙ وارو حصو ڳڀيرڻ سان ڳنڍيل هوندو آهي ۽ ڇيڙو هر هڪ ٻيجڻيءَ (Overy) سان ڳنڍيل هوندو آهي. هر مهيني واري واري سان هر هڪ ٻيجڻيءَ مان مادري تخمي ٻج (Ovum) نڪري، ٻيجڻي ناليءَ وسيلي ڳڀيرڻ ڏي سفر ڪندو آهي، جيڪڏهن ٻيجڻي ناليءَ ۾ ان جي ويڪري کُٻَ Ampulla واري جاءِ وٽ مادري تخمي ٻج سان مرد جي نرينه تخمي ٻج (Spermathozoon) سان ميلاپ ٿئي ٿو ته مادري تخمي ٻج ڦَرجي (Fertilize) پوندو آهي. هي حمل ٿيڻ جو شروعاتي مرحلو آهي. ان مادري ڦَريل تخمي ٻج کي ميڊيڪل ٻوليءَ ۾ Zygote چئبو آهي. اهو مادري ڦريل تخمي ٻج ڳڀ / ٻيجڻي ناليءَ مان ٻيجڻين ۾ موجود هارمون ايسٽروجن (Oestrogen) ۽ هارمون پروجيسٽرون (Progesterone) جي اثر ۽ مدد سان ۽ ڳڀ ناليءَ ۾ موجود سنهڙن وارن (Cilia) جي فطري تحرڪ جي عمل ۽ ان سان گڏ خود ڳڀ ناليءَ جي مشڪن جي ڪوئجڻ جي عمل سان اهو ڦريل ٻيجو (Zygote) هڪ هفتي اندر ڳڀيرڻ تائين پهچي واڌ ويجهه ڪري ٿو ۽ ٻار جي اوسر ٿئي ٿي، ان کي حمل چئجي ٿو. پر جيڪڏهن مادري تخمي ٻج نه ٿو ڦرجي ته ڳڀ ناليءَ ۾ موجود سنهڙن متحرڪ وارن (Cilia) ۽ لڳ نالي جي مشڪن جي ڪوئجڻ واري گڏيل عمل جي نتيجي ۾ اهو اڻ ڦريل مادري تخمي ٻج ڳڀيرڻ ۾ پهچي ٿو، جتي ڳڀيرڻ جي مٿاڇري تي عارضي جڙيل تهه (Epithelium) ۽ ڪجهه عارضي رت ناڙيون گڏجي ٽٽي پون ٿا، نتيجي طور مادري رستي (Vagina) مان رت وهندو آهي، جنهن کي ’حيض‘ چئبو آهي. حيض سان گڏ مادري اڻ ڦريل تخمي ٻج (Ovum) به مادري رستي کان نڪري ويندو آهي.
حمل جا قسم (Types of Pregnancy)
(1) فطري حمل (Natural Pregnancy): فطري حمل جي ڄمي بيهڻ جي اصلي جاءِ ڳڀيرڻ جو مٿيون ويڪرو حصو هوندو آهي، جيڪو اصل ۾ ڳڀيرڻ جو ڍڍر/ ترو (Fundus) هوندو آهي، جنهن کي ڳڀيرڻ جو پيٽ به چئبو آهي. ڳڀيرڻ جي مٿين حصي ۾ مادري ڦريل تخمي ٻج، چاليهه هفتا (280 ڏينهن) يعني 9 مهينا ڏهه ڏينهن واڌ ويجهه ڪري پختو راس ٿيل ٻار ڄمي ٿو. شروع جا چار مهينا يعني 16 هفتا مادري ڦريل تخمي ٻج (Zygote) ڳڀيرڻ ۾ گوشت جي لوٿڙي يا دِڳ جي شڪل ۾ هوندو آهي، جنهن کي دائپي جي ٻوليءَ ۾ ڦوٽو (Embryo) چئبو آهي. چئن مهينن کان پوءِ انهيءَ گوشت جي لوٿڙي ۾ آهستي آهستي عضوا ٺهڻ شروع ٿيندا آهن ۽ ٻار ٺهي راس ٿيندو آهي ۽ عورت ويم لاءِ تيار هوندي آهي.
(2) فطري حمل جون علامتون (Clinical Symptoms):
(I) ڳورهاري عورت جي ڇاتين ۾ تبديلي شروع ٿي ويندي آهي. ڇاتيون اڳي کان وڌيڪ وڏيون ۽ سخت ٿينديون وينديون آهن. ڇاتين جي چو طرف موجود پڙو (Areola) جيڪو عام ڏينهن ۾ هلڪو ناسي هوندو آهي، سو گهاٽو ناسي ٿي ويندو آهي. ٻنڊيون اڳي کان وڌيڪ گهاٽيون ڪاريون ٿينديون وينديون آهن. پڙي ۾ موجود ننڍڙا چرٻيءَ وارا غدود (Glands of Montgomery) اڀري بيهندا آهن. حمل جي سورهين هفتي (يعني چوٿين مهيني) کان پوءِ ڇاتين ۾ سرڪاٽ ٿيندا آهن، جو کير جي ناڙين (Lactiferous ducts) ۾ ٿڃ پوڻ شروع ٿيندي آهي.
(II) گهڻين ڳورهارين عورتن جي دل ڪچي ٿيندي آهي، سندن وات ۾ پاڻي ڀرجي ويندو آهي ۽ آت ڏينديون آهن يا کين اوڪارا ايندا آهن، جن کي طب جي ٻوليءَ ۾ ‘Morning Sickness’ چئبو آهي.
(III) ڪن ڳورهارين عورتن کي ڪچن مهينن ۾ ته ڪن کي پڪن مهينن ۾ اڊيهڙ (Hyperemesis Gravidanum) ٿيندا آهن، پر لازمي ناهي ته هر ٻار سان ڳورهاري عورت کي اڊيهڙ ٿين، اهي ڪڏهن ته ايترا گهڻا ۽ خطرناڪ ٿيندا آهن، جو ڪمزور ڳڀيرڻ وارين عورتن جا ٻار ڪُهائي ٿي (ڪري) پوندا آهن.
(IV) ڪيترين عورتن جي بک گهٽجي ويندي آهي ۽ ڪن کي وري گهڻي بک لڳندي آهي، ڪن کي خاص قسم جي طعام کان نفرت ٿيندي آهي ۽ سندن دل ڪچي ٿيندي آهي، ايستائين جو کاڌي جي بوءِ تي سندن دل ڪچي ٿيندي آهي. گوشت ۽ مڇي وڻندا ناهن، يا مختلف شين ۽ کاڌن جي طلب ٿيندي آهي ۽ وڻندا به آهن، جن ۾خاص ڪري کٽيون شيون، ڌونئرو ۽ آچار وڻندو آهي.
(V) جن حاملا عورتن ۾ ڪيلشيم ۽ فولاد جي گهٽتائي هوندي آهي، تن کي ميٽ ۽ چيڪي مٽي وڻندي آهي، ان ڪري اهي ميٽ يا مٽي کائينديون آهن.
(VI) گهڻين حاملا عورتن جو منهن ڀرجي پوندو آهي.
ٽيسٽون: شروعاتي هفتن ۾ عورت جي پيشاب جي ٽيسٽ ڪرائڻ سان به حاملا هجڻ جي تصديق ٿئي ٿي. اڄڪلهه ته پختن مهينن ۾ ڳورهاري عورت جو الٽراسائونڊ ڪرائڻ سان ڌيءَ يا پٽ جي ۽ ٻار جي جي حالت (Presentation) ۽ اُور جي حالت جي به خبر پئجي وڃي ٿي.
(3) غير فطري حمل (Ectopic Pregnancy): ڳڀيرڻ کان سواءِ عورت جي جنمي عضون (Reproductive Organs) جي ڪنهن به عضوي يا ان سان لاڳاپيل عضوي يا ٻئي حصي (پيٽ) ۾ عورت جي مادري ڦَريل تخمي ٻج (Zygote) جي واڌ ويجهه کي غير فطري حمل چيو ويندو آهي. هي بيجايو غير فطري حمل عورت جي زندگيءَ ۾ هڪ خطرناڪ حادثو آهي، جيڪڏهن هن غير فطري حمل جي وقتائتي خبر نه پوي ۽ دير ٿي وڃي يا غير فطري حمل جي سڌ پوڻ باوجود لاپرواهيءَ سبب ٻار آپريشن ڪرائي ڪڍرائي نه ڇڏجي ته عورت جي زندگيءَ کي خطرو لاحق ٿي ويندو آهي ۽ ڪو معجزو ئي عورت کي موت کان بچائي سگهي ٿو. غير فطري حمل جو هڪ ٻيو مثال جنهن کي ’مولر پريگننسي‘ چوندا آهن. هيٺ اهي خاص هنڌ ڄاڻائجن ٿا، جتي غير فطري حمل ٿئي ٿو:
(I) ٻيجڻي /ڳڀ نالي (Fallopian / Utrine Tube): 95 سيڪڙو غير فطري حمل، ٻيجڻي (ڳڀ) ناليءَ ۾ ٿيندا آهن. مادري ڦَريل ٻيجو Zygote)) ڳڀ ناليءَ جي ويڪري کُپَ (Ampulla) ۾ واڌ ويجهه ڪندو آهي، جنهن جا ٽي سبب هوندا آهن: (1) هارمون ايسٽروجن ۽ پروجيسٽرون جي کوٽ يا مادري ڦَريل ٻيجي کي بروقت ڳڀيرڻ ڏي ڌڪڻ ۾ شامل نه ٿيڻ.
(2) ڳڀ ناليءَ ۾ موجود سنهڙن وارن Cilia جي عمل جي ڪوتاهي يا خرابي، (3) ڳڀ ناليءَ جي مشڪن جي ڪوئجڻ جي عمل ۾ خرابي، اهي ٽئي اهڙا سبب آهن، جن جي خلل سبب ڦريل مادري ٻيجو ڳڀ ناليءَ جي ويڪري کُپ مان ڌڪجي ڳڀيرڻ تائين پهچندو ناهي ۽ ڳڀ ناليءَ ۾ ئي واڌ ويجهه ڪندو آهي، نتيجي ۾ ٻن کان ٽن مهينن ۾ وڏو حادثو پيش ايندو آهي، جنهن ڪري ڳڀ نالي ڦاٽي پوندي آهي ۽ ٻار ۽ عورت سان هيٺيون خطرناڪ حالتون پيدا ٿينديون آهن:
(الف) عورت رت ڇڏڻ ڪري مري ويندي آهي.
(ب) عورت ان صورت ۾ به مري ويندي آهي، جڏهن وهندڙ رت سندس پيٽ ۾ زهر (Septicemia) بڻجي ويندو آهي.
(ٻ) ڪچو ٻار (رت جو دڳ/ لوٿڙو) پيٽ ۾ زهر بڻجي ويندو آهي، جيڪڏهن بروقت آپريشن ڪري عورت جي پيٽ مان لوٿڙو ڪڍيو ويو ته سندس جان بچي ويندي آهي نه ته ٻي صورت ۾ موت واقع ٿيندو آهي.
(ڀ) ٻيجڻي ناليءَ جي ڦاٽڻ کان پوءِ به ڦريل مادري ٻيجو پيٽ ۾ وڃي واڌ ويجهه ڪري سگهي ٿو.
ٻيجڻي/ڳڀ ناليءَ جي (غير فطري) حمل جون علامتون (Clinical Symptoms):
(1) شروع ۾ ته عورت پاڻ کي پيٽ (حمل) سان سمجهندي آهي ۽ کيس اهي سڀ علامتون پيدا ٿينديون آهن، جيڪي حمل ۾ ڳورهاري عورت ۾ هونديون آهن.
(2) غير فطري حمل جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ عورت کي ڪلهن ۽ پيٽ ۾ سور ٿيندو آهي.
(3) دائي يا ڊاڪٽرياڻيءَ جي چڪاس ڪرڻ تي عورت جي ڳڀيرڻ، ٻار کان خالي محسوس ٿيندي آهي، جيڪو بيجا (غير فطري) حمل جو پهريون شڪ يا علامت هوندي آهي.
(4) ڪجهه ڏينهن بعد عورت کي نرن ۾ سور ٿيندو آهي، خاص ڪري ان پاسي جنهن پاسي غير فطري حمل واڌ ڪندو آهي ۽ اهو سُور وڌندو ويندو آهي.
(5) جڏهن صورتحال گهڻي خراب ٿي ويندي آهي ته عورت جو منهن ڦڪو ٿي ويندو آهي، نبض تڪڙي هلندي آهي ۽ پيشاب بند ٿي ويندو آهي، اڳتي هلي جسم جي گرميءَ (بخار) جو پد گهٽ ٿي،95f يا وڌ ۾ وڌ 96f ڊگري تي اچي بيهندو آهي.
(6) عورت کي مادري رستي کان ٿورو ٿورو رت ايندو آهي، جنهن ۾ وکا ۽ ڪجهه پردا به ايندا آهن.
(7) گهڻي حالت خراب ٿيڻ تي عورت کي وقت بوقت بيهوشيءَ جا دورا پوندا آهن، يا جسم ۾ جهٽڪا لڳندا آهن، جيڪا حالت هن لاءِ ڪنهن به صورت ۾ چڱي ناهي هوندي.
(II) پيٽانگي (پيٽ) ۾ حمل ٿيڻ Abdominal / Pregnancy: هن قسم جو غير فطري حمل، ڳڀ ناليءَ ۾ ڦَريل مادري ٻيجو (Zygote) گهڻو وڌي وڃڻ سبب ڳڀ ناليءَ کي ڦاڙي شڪمي (پيٽانگي) پردي ۾ واڌ ويجهه ڪندو آهي، جيڪو به عورت جي زندگيءَ لاءِ هاڃيڪار هوندو آهي.
پيٽانگي (پيٽ) غير فطري حمل جون علامتون (Clinical Symptoms):
(1) عورت جي چڪاس ڪرڻ تي پيٽ جو اهو حصو اڀريل ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن پاسي ٻار واڌ ويجهه ڪندو آهي.
(2) دائي يا ڊاڪٽرياڻيءَ پاران چڪاس ڪرڻ تي عورت جي ڳڀيرڻ (ٻچيداني) ٻار کان خالي هوندي آهي.
(3) حمل جي شروع ۾ ته عورت کي اها خبر نه پوندي آهي ته کيس حمل، ڳڀيرڻ بجاءِ ڪنهن ٻئي هنڌ ٿيو آهي، ڇو ته شروع ۾ عورت ۾ غير فطري حمل دوران به ساڳيون علامتون هونديون آهن، جيڪي فطري حمل ۾ هونديون آهن، پر ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن عورت جي ڳڀ نالي ڦاٽي پوندي ۽ ڦريل ٻيجو پيٽ (شڪم) جي جهلين ۾ جاءِ وٺندو آهي ته ان وقت کيس رڳو ان پاسي وٽ سور پوندو آهي، جنهن پاسي واري ڳڀ نالي ڦاٽي پوندي آهي. (وٽ سان سور پوڻ ڳڀ ناليءَ جي ڦاٽڻ جي پهرين ۽ مضبوط علامت آهي). ڳڀ ناليءَ جي ڦاٽڻ سان ٻه صورتون پيدا ٿينديون آهن، هڪ ته اهو مادري ڦريل ٻيجو زهر بڻجي وڃي ۽ ان زهر جي لوٿڙي کي آپريشن ڪري نه ڪڍيو ويو ته هر حال ۾ عورت جي زندگيءَ کي خطرو هوندو آهي. ٻي صورت ۾ مادري ڦريل ٻيجو زهر نه بڻجي ۽ چپ چاپ ۾ بنا ڪنهن نقصان رسائڻ جي عورت جي پيٽانگي ۾ پيو هجي ۽ ويم جا ڏينهن اچي پورا ٿيندا ته عورت کي خيال ٿيندو ته ويم جا ڏينهن به چڙهي ويا آهن، ٻار ڇو نه ٿو پيدا ٿئي؛ جيتوڻيڪ ڪنهن ڪنهن وقت عورت کي مادري رستي کان ڪجهه پشمي پاڻي، ڳاڙو ۽ وکا پيا نڪرندا آهن، پر ٻار ۾ چرپر نه هوندي آهي، ڇو ته ٻار ۾ ساهه هوندو ئي ناهي، ٻار جي انهيءَ چرپر نه هئڻ تي عورت کي شڪ پورن مهينن کان اڳ به پئجي سگهن ٿا. سڀني صورتن جي نتيجي طور عورت جي پيٽ مان آپريشن ڪري بغير ساهه وارو ننڍو يا وڏو گوشت جو لوٿڙو، جيڪو مادري ڦَريل ٻيجو (Zygote) هوندو آهي، ڪڍيو ويندو آهي.
(4) پيٽانگي جي غير فطري حمل دوران سڄو سارو عرصو واڌ ويجهه ڪرڻ جي جاءِ وٽ عورت کي سور هوندو ئي هوندو آهي.
(5) غير فطري حمل وارو سمورو عرصو عورت جي وات جو سواد خراب هوندو آهي، وات ۾ پاڻي ڀريل هوندو آهي؛ اوڪارا ايندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو کيس فطري پيٽ هئڻ جي پڪ هوندي آهي پر هوءَ خطري کان اڻڄاڻ هوندي آهي.
(III) ٻيجڻين ۾ غير فطري حمل ٿيڻ Overian Pregnancy: هن قسم جو غير فطري حمل ڪڏهن ڪڏهن ڳڀيرڻ بجاءِ ٻيجڻين ۾ ٿيندو آهي، جنهن جو سبب اهو آهي ته مادري تخمي ٻج (Ovum) ٻيجڻين جي غدود ٿيلهين (Graffian Foallicles) مان نڪرڻ ۾ دير ڪندو آهي، تنهنڪري مرد جو نر تخمي ٻج (Spermatozoon) غدودي ٿيلهين ۾ پهچي ويندو آهي، جتي مادري تخمي ٻج ڦرجي پوندو آهي.
ٻيجڻين جي غير فطري حمل جون علامتون (Clinical Symptoms): ٻيجڻين جي غير فطري حمل جون علامتون ساڳيون آهن، جيڪي ٻيجڻي /ڳڀ ناليءَ واري غير فطري حمل جون هونديون آهن.
(IV) ڳهڻ ۾ غير فطري حمل ٿيڻ (Cervix Pregnancy): ڳـــهــڻ (Cervix) ۾ حمل ان صورت ۾ ٿيندو آهي، جڏهن مادري ڦريل ٻيجو
(Zygote) ڳڀ ناليءَ مان ڌڪجي ڳڀيرڻ ۾ داخل ٿيڻ وقت پنهنجي ڄمي بيهڻ جي فطري جاءِ ڳڀيرڻ جي مٿئين حصي، ڳڀيرڻ جي پيٽ يا تري (Fundus) ڏانهن وڃڻ بدران پنهنجو رخ ڦيرائي ڳڀيرڻ جي هيٺين حصي (ڳهڻ) ڏي ڪري اتي ڄمي بيهندو آهي. جيتوڻيڪ ڳهڻ خود ڳڀيرڻ جو هيٺيون حصو آهي، جنهن کي ڳڀيرڻ جي ڳچي يا مک لنگهه چئبو آهي، پر هتي حمل جي ڄمي بيهڻ جي غير فطري جاءِ آهي، ڇو ته هتي حمل گهڻي دير تائين ڄمي بيهي نه سگهندو آهي ۽ مادري ڦريل ٻيجو ٿورو وڏو يا وزني ٿيڻ تي ٻن ٽن مهينن ۾ ڪري (ڪُهائي ٿي) پوندو آهي، جنهنڪري عورت جو تمام گهڻو رت وهي هلندو آهي ۽ ان سان گڏ مادري ڦريل ٻيجو به گوشت جي لوٿڙي جي شڪل ۾ نيڪال ٿي ويندو آهي.ڪڏهن ڪڏهن ڪن ڳورهارين عورتن ۾ ٻار ٻئي، ٽئين، چوٿين ۽ پنجين مهيني به ڪُهائي (Abortion/Miscarriage) ٿيڻ جي عادت ٿي پوندي آهي، جنهن جو بنيادي سبب اهو آهي ته ڳورهارين عورتن ۾ اهڙو غير فطري حمل ٿيڻ جو لاڙو (Tendency) پيدا ٿيندو آهي، جنهن ۾ ٻار ڳڀيرڻ جي مٿئين حصي ۾ ٺهڪي بيهڻ بجاءِ ڳهڻ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيندو آهي، نتيجي ۾ هر ڀيري ٻار ڪُهائي (ڪري) پوندو آهي، تنهنڪري حمل دؤران ڊاڪٽرياڻين/ ڊاڪٽرن کان مسلسل تپاس جو سلسلو جاري رکجي ته پيچيدگين کان بچي سگهجي ٿو.


لفظ حملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو