ٿڃ

ٿَڃُ: ماءُ جو کير، جيڪو قدرت طرفان ڄاول ٻار جي غذا طور ماءُ جي ڇاتين مان کيس عطا ٿيندو آهي. ويم کانپوءِ ماءُ جو پهرين ٻن ٽن ڏينهن جو کير طبي لحاظ کان اهڙا مادا (antibodies) رکي ٿو، جيڪي ٻار ۾ قوت مدافعت وڌائي کيس بيمارين کان محفوظ رکن ٿا. ان کانسواءِ ٻار جي ڄمڻ کان وٺي ٻن سالن تائين ٿڃ پيارڻ سان ٻار کي ڪيترائي وٽامن ۽ ڪئلشيم ملن ٿا قرآن پاڪ ۾ به فرمان آهي ته ٻن سالن تائين ٻار کي ماءُ جو کير پياريو وڃي. اڄڪلهه جي طبي کوجنا پڻ ان ڳالهه کي مڃيو آهي ته ماءُ جو کير ٻار جي صحت لاءِ نهايت ڪارائتو آهي ۽ ڊاڪٽرن به ايترو ئي عرصو ٻار لاءِ ماءُ جو کير لازمي قرار ڏنو آهي، جنهن سان ٻار ڪيترين ئي بيمارين کان پڻ محفوظ رهي ٿو .


لفظ ٿڃھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


کير - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿڃ
کير ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون