پينگوئن

پينگوئن

پينگوئن

پينگوئن: هيءُ سامونڊي پکين جو هڪ قسم آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي ڏکڻ واري سامونڊي علائقي ۾ رهندو آهي. هن پکي جا 17 قسم ٿيندا آهن. هن پکي جا پير ويڪرا ٿيندا آهن، جيڪي کيس ترڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. هيءُ پکي سمنڊ ۾ 30 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان تري سگهي ٿو ۽ خشڪيءَ تي سڌو ٿي هلندو آهي. پينگوئن پکي اينٽارڪٽيڪا کنڊ ۾ رهندا آهن، اتي رڳو برف ئي برف هوندي آهي. سياري جي موسم ۾ فيبروريءَ کان آڪٽوبر تائين پينگوئن سمنڊ ۾ رهندا آهن. اينٽارڪٽيڪا ۾ بهار جي شروعات وارو مهينو هوندو آهي، ان وقت هي پکي سمنڊ کان ٻاهر نڪري ايندا آهن ۽ اها ئي موسم هوندي آهي، جڏهن اهي آنا لاهڻ شروع ڪندا آهن. آنا لاهڻ لاءِ پينگوئن 100 ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪري پهاڙي علائقن ۾ ويندا آهن. هنن پکين ۾ عام طرح ماءُ ئي پنهنجو آکيرو ٺاهيندي آهي، پر پينگوئن پيءُ ان معاملي ۾ ماءُ کان وڌيڪ محنت ڪندو آهي. هي سڀ کان اڳ پهاڙن ۾ پهچن ٿا ۽ آکيرو ٺاهڻ شروع ڪن ٿا. آکيرو پٿرن سان ٺاهيندا آهن. پينگوئن به ماڻهن وانگر گڏجي آکيرو (گهر) ٺاهيندا آهن. هڪڙو پينگوئن پٿر کڻندو آکيري جي ڀرسان رکندو ويندو آهي ۽ ٻيو آکيرو ٺاهيندو ويندو آهي. نومبر مهيني جي وچ ڌاري مادي پينگوئن ٻه آنا لاهيندي آهي. نر ۽ مادي پينگوئن واري واري سان آنن جي مٿان ويهندا آهن، اهي ٻئي ماءُ ۽ پيءُ پينگوئن چئن هفتن تائين پنهنجي ٻچي کي کاڌو کارائيندا آهن ۽ چئن هفتن کان پوءِ ننڍڙو پينگوئن پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ سمنڊ ۾ هليو ويندو آهي ۽ پنهنجي خوراڪ جي پاڻ تلاش ڪندو آهي.


لفظ پينگوئنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو