ٽَرڪ

ٽَرڪ

ٽرڪ

ٽَرڪ (Turkey ):هيءُ پکيچڪور“ جي گروهه وارن پکين ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. هن پکيءَ کي سڀ کان اڳ آمريڪا ۾ پالتو پکي ڪري پاليو ويو. سورهين صدي عيسويءَ ۾ هڪ يورپي گهراڻي ۾ هن پکيءَ جي پالڻ جو رواج پيو. هي روايتي پکي آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ڪرسمس ۽ ٻين موقعن تي کاڌو ويندو آهي. سنڌ ۾ به ڪٿي ڪٿي هي پکي پاليو ويندو آهي، پر هتي اهي گهڻي تعداد ۾ موجود نه آهن. هيءُ پکي اهڙو تکو ڊوڙندو آهي، جو شڪاري پيادل کيس پڄي نه سگهندا آهن. هو پنهنجا پَر اُڏڻ لاءِ تڏهن ڪم آڻيندو آهي، جڏهن ان کي ڪا ندي پار ڪرڻي هوندي آهي يا مٿس ڪو دشمن حملو ڪندو آهي. هيءُ پکي مور وانگر پڇ پکيڙي ۽ کنڀ ٽيڙي، ڪنڌ مٿي ڪري، ڏاڍي ناز سان پيو هلندو آهي. بِنهه چيڙاڪ پکي آهي؛ ڳاڙهي رنگ جي هر شيءِ کيس ڏاڍي ڪاوڙ ڏياريندي آهي. هن جي منهن تي ماسَ جي هڪڙي سونڊ لڙڪندي رهندي آهي، جنهنڪري ان کي ”فيل مرغ“ يعني هاٿيءَ وانگر سونڊ وارو پکي چوندا آهن.


لفظ ٽرڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو