تلاش

تلاش (ڪتاب ):نامور ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جو ناول ”تلاش“ جو پهريون ڇاپو ڊسمبر 1987ع ۾ نيوفيلڊس پبليڪيشن پڌرو ڪيو هو ۽ هي ٻيو ڇاپو، سنڌي ساهت گهر سيپٽمبر 1996ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڊيمي سائيز جي 152 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 60 رپيا آهي.
تلاش‘ نجم عباسيءَ جو اصلوڪو ناول آهي. هن ناول ۾ اسان جي سماج ۾ جيڪي برايون موجود آهن، تن جي تصوير آهي. ناول جي مرڪزي ڪردار گلزار جي هيءَ ڪهاڻي رڳو سندس ڪهاڻي ناهي، پر جاگيردارانه سماج جا سمورا اولڙا ان ۾ موجود آهن.


لفظ تلاشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو