چنبو

چنبو

چنبو

چنبو (زيور): هي زيوَر اڪثر ڪري سون مان ٺاهيو ويندو آهي. شاديءَ جي وقت ڪنوار پائيندي آهي. هن ۾ پنج مُنڊيون پنج زنجيرون ۽ هڪ ڪنگڻ هوندو آهي. زنجيري منڊيون، ڪنگڻ ۽ هٿ جو ٽڪو پاڻ ۾ ڳنڍيا ويندا آهن. چنبو هٿ جي پٺئين پاسي پائبو آهي. چنبي مٿان پائڻ ڪري هن ڇلي جو نالو ئي چنبو رکيو ويو آهي. هونئن ته چيو ويندو آهي ته هٿ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪهڙي ضرورت؟‘ پر چنبي ۾ ڪنگڻ خود هڪ حصو ٿي ڪم ايندو آهي. انهيءَ ئي چنبي ۾ ٽڪو، آرسيءَ جو ٽڪرو شامل هوندو آهي ۽ ڪنوار انهيءَ ٽڪيءَ (وڏي ٽڪ يا آرسيءَ) مان پنهنجو چهرو پڻ ڏسي سگهندي آهي.


لفظ چنبوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو