ڏاڻي

ڏاڻي

ڏاڻي

ڏاڻي: ڏاڻيءَ کي ڏانوڻي به چيو ويندو آهي. ڏاڻي، سون، چاندي يا پتل مان ننڍڙي زنجير جي نموني ٺهيل هوندي آهي، يا ته وري موتين مان ٺهيل ننڍي مالـهـا جـي صــورت ۾ به ٿئي ٿي. ڪن ۽ نڪ ۾ پاتل اُهي نٿون، پنڙا ۽ جھُـمـڪـا، جيڪي وزن ۾ عام زيورن کان ڳــرا هجن، تـن کي مٿي جهلي
بيهارڻ ۾ مدد ڏي ٿي. ٿر جون عورتون عام طور روزمرهه جي زندگيءَ ۾ به نٿون پائينديون آهن، جنهن کي مٿي جھلي بيهارڻ لاءِ کين ڏاڻي استعمال ڪرڻي پوندي آهي. ڏاڻيءَ کي وچ ۾ ٽِڪلو لڳائبو آهي، جيڪو نراڙ تي بيهندو آهي. ٽِڪلي جي لڳ ڀڳ، پاسن کان ڪڙا هڻبا آهن، جيئن انهن ۾ ڏاڻيون پون. ڏاڻي نٿ جي ڳن ۾ وجهي قابو ڪبي آهي، جيئن نٿ جو وزن جهلي سگهي ۽ نڪ کي ڇيهو نه رسي. ڪن ۾ پاتل پنڙن يا جھُمڪن لاءِ استعمال ٿيندڙ ڏاڻين کي ’سهارا‘ به چيو ويندو آهي.


لفظ ڏاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو