ڇير

ڇير

ڇير

ڇير: هيءُ هڪ قسم جو ڳهه آهي، جيڪو پيرن ۾ پائبو آهي. هيءُ ڳهه هڪ ويڪري پٽيءَ جي صورت ۾ ٿيندو آهي، جنهن ۾ تار جي مڙهت ٿيندي آهي، آخر ۾ ننڍڙا ننڍڙا گهنگهرو پويل هوندا آهن، جن مان ڇمڪي جو هلڪو آواز نڪرندو آهي. ڇير پيرن ۾ پائڻ جو مخصوص ڳهه آهي، جيڪو چانديءَ مان ٺهيل هوندو آهي، پر ڪي سرنديءَ وارا سوني ڇير به ٺهرائيندا آهن. ڇير ٻن قسمن جي ٿئي ٿي، هڪڙي ڇير عام ڳهه وانگر استعمال ٿيندي آهي ته ٻيو قسم نرت (ناچ) دوران نرتڪار پيرن ۾ پائي نچندا آهن. ان ۾ گهنگهرو پيل هوندا آهن، اها ڇير پائي ناچو يا ناچڻيون رقص ڪنديون آهن. ڇير جا ٻيا به ڪيترا قسم آهن، جهڙوڪ: گنگهرن واري ڇير، پٽين واري ڇير، لکپتي ڇير، ڪڙين واري ڇير، قبي واري ڇير، ڦل واري ڇير وغيره. ڇير هڪ سري به ٿيندي آهي ته ٻه سري ۽ ٽه سري به. ڪي ته شوق مان پنج سري به جوڙائيندا آهن. ڇير ۾ جيتريون سريون وڌيڪ هونديون آهن اوتري وڏي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. حيدرآبادي ڇير ۾ گهنگهرو گهڻا ٿيندا آهن، انهيءَ ڇير کي ’ڪل ڦل‘ واري ڇير به چيو ويندو آهي. ٻين ڇيرن تي پٽا پٽا ٿيندا آهن، ڪڙين وارين ڇير تي ڪڙيون ملائي پٽو تيار ڪيو ويندو آهي. هن کي هيٺان گهنگهرو هوندا آهن، قبي واريءَ ڇير جو پٽو قبي جهڙو هوندو آهي. پٽيءَ هيٺان ڪڙيون ٿينديون آهن ۽ انهيءَ هيٺان گهنگهرو هوندا آهن. قبي واريون ڇيريون نج چانديءَ مان ٺهنديون آهن. هن ڇير جي ڏانڊين ۾ سوراخ هوندا آهن، سوراخن جي وچ ۾ چاٻيون وجهبيون آهن ۽ هيٺان گهنگهرو پيل هوندا آهن. فارسي ۽ اردوءَ ۾ ان ڳهه کي پازيب به چون


لفظ ڇيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو