ٽڪ

ٽَڪَ: چرخي (ائٽ) جي چوٽين ۾ پيل لوهي سيخ، جنهن تي سُٽ ڪتجي. ٽڪَ کي سرائي به چوندا آهن. اها اڌ فوٽ کن سرائيءَ کان ٿوري سنهي ٿيندي آهي. ٽڪَ جي هڪڙي چنهب ۾ ڪپهه جو پهو اٽڪائي، چرخي کي ڦيرو ڏبو ته سُٽ ٺهڻ شروع ٿيندو؛ پوءِ هڪ ٻئي پويان ڪپهه جا پها ٽڪَ سان اٽڪائبا وڃبا ته سُٽ جي تند ٺهي ويندي. لطيف سائين جي هڪ بيت جي سٽ آهي ته:
”ٽڪَ وِنگِي وَرَ گهڻا، ڪتيان ڪڄاڙو؟“
”لاڙ“ واري خطي ۾ ٿورو کير ڏيندڙ اڀري سڀري مينهن کي ”ٽَڪَ“ چوندا آهن.


لفظ ٽڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو