پاهورو

پاهورو: گهوڙي کي داڻو کارائڻ لاءِ چمڙي يا سُٽ مان ٺهيل ڳوٿري نما توبرو، جنهن ۾ ٻاجهر يا جوئر وغيره جو داڻو وجهي گهوڙي جي وات تي چاڙهي، ٻڌي ڇڏيندا آهن. هن ڳوٿري نما پاهوري جي ماپ ڏيڍ فوٽ کن ٿيندي آهي. پاهوري ۾ کارائڻ سان اَن ضايع ٿيڻ کان بچي وڃي ٿو. هي رواج سنڌ ۾ ٿر طرف ۽ هندستان ۾ راجسٿان ۾ موجود آهي. چوڻي آهي ته:”جن کاڌو آهورن ۾، سي ڪيئن کائيندا پاهورن ۾“.


هن صفحي کي شيئر ڪريو