پاڻو

پاڻو: مسافريءَ جي هڪ منزل وارو ڊاٻو، جتي ڪا سراءِ هوندي ته رات جو آرام ڪري صبح جو وري پنڌ پئبو. عام طرح سفر جي هڪ منزل 18 ميلن جي يا ان کان گهٽ وڌ مفاصلي جي ٿيندي آهي. هڪڙي منزل کان پوءِ ڪنهن به طرح ’پاڻو‘ (ڊاٻو) ضرور ڪبو، پر جي مسافر ڪنهن سواريءَ تي آهي ۽ اڪيلو آهي ته يڪ ساهي ٻه منزلون ڪري سگهندو آهي پر وهٽ وڌيڪ هلي نه سگهندو آهي، ان ڪري هر حال ۾ هڪڙي منزل تي ڊاٻو ڪرڻ بهتر هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو