پات

پات: پات، کجيءَ جي ڦرهن مان ٺهيل هڪ وڏي پاتيلي ڇٻي کي سڏيندا آهن، جنهن ۾ پڪل کجي/ ڪتل رکبي آهي ته خراب نه ٿيندي آهي، هڪ پات ۾ مڻ سوا ڪتل رکي سگهبي آهي، واپاري ڪتل جا پات سودائي مختلف شهرن ۾ موڪليندا آهن ۽ اها ڪتل دڪانن تي وڏي عرصي تائين خراب نه ٿيندي آهي. خيرپور ضلعو کجيءَ جي پيداوار جو وڏو مرڪز آهي، هتي پات جو استعمال گهڻو ٿئي ٿو.


لفظ پاتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو