علاوالدين

علاوالدين

علاوالدين

علاوالدين (اداڪار): فلمي دنيا جي نامور اداڪار علاوالدين،10 فيبروري 1920ع تي راولپنڊيءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعلق بٽ خاندان سان هو. هن فني زندگيءَ جو آغاز 1952ع ۾ ٺهندڙ فلم . ’ميلا‘ ۾ دليپ ڪمار سان گڏ اداڪاري ڪرڻ سان ڪيو. 1958ع ۾ احمد رشديءَ جي آواز ۾ فلم ’مهتاب‘ لاءِ ڳايل گيت ’آيا گول گپي والا‘ علاوالدين تي فلمايو ويو ته ان گيت سبب کيس فلم ڏسندڙن ۾ بيحد مقبوليت حاصل ٿي. ان کان سواءِ هدايتڪار انور ڪمال پاشا جي هدايتن ۾ ٺهندڙ فلم ’بدنام‘، جيڪا سعادت حسن منٽو جي افساني ’جهُمڪي‘ تي مبني هئي، هن فلم ۾ علاوالدين پاران چيل ڊائلاگ ’ڪهان سي آئي يه جهُمڪي، ڪس ني ديئي هين يه جهمڪي‘ ۾ ڏسندڙن طرفان سندس اداڪاريءَ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. علاوالدين پنهنجي وقت جي مشهور فلمن ۾ اداڪاري ڪئي، جن ۾ ’ميلا‘ (1952ع)، ’مهتاب‘ (1958ع)، ’خلش‘ (1974ع)، ’سچائي‘ (1975ع)، ’ڇو منتر‘، ’بدنام‘، ’شهري بابو‘، ’ڦيري‘، ’راز‘، ’فرنگي‘ ۽ ’محفل‘ شامل آهن. علاوالدين پنهنجي نوجوان پٽ جي فوت ٿيڻ سبب فلمي دنيا کان پاسيرو ٿي ويو هو. سندس آخري فلم هدايتڪار نذرالسلام جي فلم ’نهين اڀي نهين‘ هئي، جنهن ۾ هي مهمان اداڪار طور شامل ٿيو. هن 13 مئي 1983ع تي وفات ڪئي. کيس لاهور ۾ گلبرگ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ علاوالدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.02.10  عيسوي

فلمي دنيا جي نامور اداڪار علاوالدين،10 فيبروري 1920ع تي راولپنڊيءَ ۾ جنم ورتو.


1983.05.13  عيسوي

علاوالدين 13 مئي 1983ع تي وفات ڪئي. کيس لاهور ۾ گلبرگ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پليجو عبدالحئي
ڄام جرار:
ميرابوالقاسم سلطان ٺٽوي
دراني آغا الهڏنو
پوراني ميرڪ سيد محمد عبدالله
درويش قطب
راڄو ليکي
رسول بخش پليجو
بکر فقير شهيد
سُورج مل اُڌيپوري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون