باعيد

باعِيدُ: باعيد: دادو ضلعي ۾ هن نالي سان ٻه ديهون آهن: هڪڙي تعلقي سيوهڻ ۾، جنهن ۾ هيٺ ڄاڻايل ڳوٺ موجود آهن: ’جمالي‘، ’گل شير‘، علي حسن شاهاڻي‘، ’مڪيڪي‘، ’پيرزادو‘، ’آدرشيرو‘، ’کڏي‘، ’جرات‘، ’تاجو جي‘، ’ميرمحمد شيرو‘، ’طيب پيرزادو‘ ۽ ’حيات شاهه‘. ٻي ديهه تعلقي خيرپورناٿن شاهه ۾ آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن؛ ’باعيد‘، ’احمد خان لغاري‘، ’شاهي خان لغاري‘، ۽ ’گولي جو ديرو‘.


هن صفحي کي شيئر ڪريو