سڀا

سـڀـا: ’سڀا‘ جي لغوي معنيٰ ’ماڻهن جو ميڙ‘، ’منڊلي‘، ’جماعت‘ يا ’درٻار‘ آهي. سڀا، راڄن جا فيصلا ڪرڻ توڙي ٻين اهم معاملن لاءِ ڪوٺائي ويندي هئي. رگ ويد واري دؤر ۾ ’سڀا‘ هڪ ملڪي ڪائونسل هوندي هئي، جنهن ۾ راجا پاڻ حاضر ٿي ملڪ جو ڪاروبار هلائيندو هو. وڏا وڏا معاملا اتي نبرندا هئا، ان ڪري اها جماعت يا ڪائونسل خاص اهميت رکندي هئي. راجا، جڏهن سڀا ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ايندو هو، تڏهن ڀٽ پريان ئي سندس اچڻ جي سڌ ڏيندا هئا. سندس وڏائي ۽ واکاڻ ڪندي بيت ۽ ڏوهيڙا چوندا هئا ۽ راجا جو حڪم ٻين تائين پهچائيندا هئا. راجا پنهنجي سينگاريل گاديءَ تي ويهندو هو. سندس امير، وزير، مقرر ٿيل جاسوس ۽ صلاحڪار چوڌاري ميڙ ڪري ويهندا هئا. راجا پاڻ سڀاپتر ٿيندو هو ۽ درٻارين مان ڪي مشير ٿيندا هئا. راجا جي فيصلي کي سڀ قبول ڪندا هئا.


لفظ سڀاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو