ٿاڪوٽ

ٿاڪوٽ: سنڌو درياهه ۽ شاهراهه قراقرم، ٻنهي جي ڪناري تي آخري شهر. هن شهر جي آبادي 60000 کان مٿي آهي، پر تعليمي لحاظ کان پوئتي پيل آهي. هن شهر ۾ 15-20 گرئجوئيٽ مس هوندا. هاڻي آهستي آهستي تعليم جو لاڙو وڌي رهيو آهي. هتي هڪ هاءِ اسڪول آهي ۽ ٻهراڙيءَ جي علائقي ۾ پرائمري اسڪول آهن. هتي آباد ماڻهن جي اڪثريت يوسفزئي پٺاڻ ۽ سواتي آهن. هي ماڻهو صديون اڳي سوات مان لڏي هتي آيا هئا ۽ ٿاڪوٽ جي جبلن ۾ آباد ٿي ويا. سندن مادري زبان پشتو آهي. هنن يوسفزئي پٺاڻن جون رسمون ۽ رواج قبائلي آهن. هتي قبيلي کي ’نماڪائي‘ چوندا آهن.
ٿاڪوٽ جي علائقي ۾ 8 نماڪائي آباد آهن، جن جا نالا: خان خيل، مالڪال، دروال ۽ جهانگيري آهن. هتان جي ماڻهن جو گذرمعاش کيتي ٻاڙيءَ تي آهي. اڪثر ماڻهو جبلن تي رهن ٿا، جتي پاڻي گهٽ آهي ۽ پوک جو مدار پڻ بارش تي آهي.


لفظ ٿاڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو