جوڻيجا

جوڻيجا: هيءَ سنڌ جي هڪ مشهور ذات آهي. جوڻيجا اصل ۾ سما قبيلي جو پاڙو آهن. هنن جو شجرو جوڻيجي هوٿي ۽ ٿيٻي بن انڙ سمي جي اولاد سان ملي ٿو. ايس صادق عليءَ جي لکت موجب جوڻيجا دلن جي هڪ پاڙي جو نالو آهي، جيڪي انڙن مان آهن. هنن جي خاص پاڙن ۾: جهنگليجا، رماڻي، ساجناڻي، قائماڻي، ڪٻر، ڪارباڻي، ڳهريا، ليماڻي، محباڻي، وساڻ، ڇڇر، دبگر ۽ ويڙهيجا شامل آهن. جوڻيجا ذات سان تعلق رکندڙ محمد خان جوڻيجو (مرحوم)، پاڪستان جو وزيراعظم رهي چڪو آهي، سنڌ جو مشهور زميندار رئيس شاهنواز جوڻيجو، ناليوارو ليکڪ ۽ ڊرامه نويس ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو اڳوڻو چيئرمئن عبدالقادر جوڻيجو، محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ سياستدان عبدالخالق جوڻيجو پڻ هن ذات مان آهن.


لفظ جوڻيجاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو