جولاءِ

جولاءِ (July ):هيءُ انگريزي سال جو ستون مهينو آهي، جنهن ۾ 31 ڏينهن ٿيندا آهن. قديم رومي ڪئلينڊر ۾ هيءُ پنجون مهينو هوندو هو، جنهن کي ’ڪوئٽليس يعني ’پنجون مهينو‘ سڏيو ويندو هو. جوليس سيزر هن مهيني ۾ پيدا ٿيو ۽ 44 ق. م ڌاري سندس قتل ٿيڻ بعد هن مهيني کي ڏانهنس منسوب ڪندي هن مهيني جو نالو ’جولاءِ‘ نالو رکيو ويو.
جارجيا جي ڪئلينڊر مطابق ’جولاءِ‘ جو مهينو ستون آهي، جيڪو 31 ڏينهن تي مشتمل آهي. دنيا جي اتر واري خطي ۾ هي مهينو تمام گرم، جڏهن ته ڏکڻ قطب ۾ تمام ٿڌو ٿيندو آهي. سال جي اڌ جو اختتام جولاءِ تي ٿيندو آهي .


لفظ جولاءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو