آرائين

آرائين: لوڪ ثقافتي ڪردار. آڳاٽي زماني ۾ خصوصاً سنڌ جي ٻھراڙين ۾، بسنت جي ڏڻ اچڻ تي مڱڻھار فقير موتئي جي گُلن ۽ سرنھن جي پيلن گلن جون جھوليون ڀري، دھلن دمامن سان گھر گھر بھار جي آمد جون واڌايون ڏيندا ھئا. اھڙيءَ طرح بھار جي آمد جو اعلان ٿي ويندو ھو. موٽ ۾ ماڻھو فقيرن کي ان، اٽو، يا روڪڙا پئسا، گھور طور ڏيندا ھئا. انھن مڱڻھار فقيرن کي ’آرائين‘ چيو ويندو ھو. ھن وقت اھا رسم ختم ٿي چڪي آھي.
”عشق اسان وٽ آرائينءَ جئن، آيو جھول ڀري!““
ڪـــوئـــي ڪــيــئــن ڪـــري (شيخ اياز)


لفظ آرائينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو