سرڪي

سرڪي (ذات): پنجاب ۾ رهندڙ سرڪي پاڻ کي بلوچ سڏائين ٿا. سرڪي راٺوڙ سمن، راجپوتن ۽ شورا قبيلي جي پسايو شاخ مان هڪ ذات آهي. ٺٽي، خيرپور ميرس ۽ سيوهڻ ۾ رهندڙ سرڪي پنهنجي ذات يا شجري بابت نٿا ٻڌائين. هڪ ٻئي حوالي موجب راٺوڙ قوم مان خليفو جرڪس جي اولاد پاڻ کي ڪوٽڙيا ۽ ايسرجي اولاد پاڻ سرڪي سڏايو.
ڪتاب ’وطن مين آباد قومين ذاتين‘ (ص: 174) موجب سـرڪي، راڄـڻ پـور، پشاور، ڪوئيٽا، ٿل، خانپور ۽ علي آباد ۾ رهن ٿا. راڄڻ پور جي ڀرسان سرڪي نالي سان هڪ وڏو ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ جا سرڪي ڀڳل هڏن کي ڳنڍڻ جو ڪم ڪن ٿا. سرڪي قبيلي جو سردار گهر جيڪب آباد ۾ ڊاڪٽر سهراب سرڪي آهي. سيوهڻ ڀرسان باغ يوسف ڳوٺ ۾ پڻ سرڪي قبيلي جا ماڻهو رهن ٿا.
هن قبيلي جا خاص پاڙا هن ريت آهن: آدماڻي، آڏتاڻي، باگاڻي، پنجابي، حبيباڻي، حسناڻي، سنڌي فوزاڻي، ميواڻي ۽ هوتواڻي شامل آهن. سنڌي ادب ۾ نورالدين سرڪي مشهور اديب ٿي گذريو آهي.


لفظ سرڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو