ساڪڙ

ساڪڙ

ساڪڙ

ساڪڙ (Tamarix Galica): هي لئيءَ مان ملندڙ ڀوري رنگ جا داڻا آهن، جيڪي ٻن قسمن جا ٿيندا آهن، جن کي ننڍا ساڪڙ ۽ وڏا ساڪڙ سڏيو ويندو آهي. هي لئيءَ جي وڻ جو ٻج آهي، جيڪو ڀوري رنگ جو ٿيندو آهي. هن جا داڻا چڻن کان ڪجهه وڏا ۽ ذائقي ۾ ڪسارا ٿيندا آهن. حڪيمن موجب هي ٻج رت جي دستن کي بند ڪري ٿو. پيٽ جي سوري، ٻاهه ۽ پيشاب جي گھڻائي ۽ مثاني جي رطوبت کي خشڪ ڪري ٿو، هن جو ڪاڙهو بلغمي، تپ، کنگهه، دمڪشي، جگر جي ڪمزوري ۽ اندرين پردن لاءِ مفيد آهي. هن کي سرڪي ۾ رڌي ٻرهل جي سوڄ تي لپري ڪري رکڻ سان فائدو ٿيندو آهي. هي ڏندن جي سور کي ختم ڪري ٿو، مهارن مان رت اچڻ کي روڪي ۽ انهن کي مضبوط ڪري ٿو.


لفظ ساڪڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو