بڪائڻ

بڪائِڻَ: هڪ قسم جو وڻ، جيڪو نم جهڙو ٿئي، پر ”بڪائڻ“ جا پن نم جي پنن کان وڏا ٿين. پن ساوا ۽ گُل (ٻُور) ڦِڪو ٿئي. ٻج جي اندران اڇو مغز نڪرندو آهي، جيڪو دوائن ۾ ڪم ايندو آهي. رت صاف ڪندڙ خاصيت جي ڪري پن ۽ گل استعمال ڪيا ويندا آهن. نموريون پسارڪي وکر طور ڪم اچن. هن وڻ کي ’نم‘ به چون ته ’لِم‘ به. دراصل بڪائڻ ’نم‘ جو هڪ قسم آهي. هيءُ جلد وڏو ٿيندڙ وڻ آهي، جنهن جي ٿڌي ڇانءَ مشهور آهي. هن جا پن ساوا ۽ ڪارائيءَ وانگر ڏنداوان ٿيندا آهن. هن جي ٻج کي ’نموري‘ چون. هن جي نموري ۽ پن سخت ڪوڙا ٿيندا آهن. بڪائڻ جي ڪاٺيءَ مان راند جو سامان ٺهندو آهي. سنڌ ۾ اڏوهيءَ کان بچاءُ لاءِ نم جا دروازا ۽ دريون ٺاهين. هيءُ عمارتي ڪاٺ طور به ڪم اچي .


لفظ بڪائڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو