چمپڪ

چمپڪ

چمپڪ

چمپڪ (Champak) (وڻ): چمپڪ چين ۽ هندستان جي هماليائي خطي ۾ ٿيندڙ هڪ سدابهار وڻ آهي، جيڪو 8005 فوٽن جي بلنديءَ تي ٿيندو آهي. هي وڻ نهايت خوبصورت پنن وارو آهي. چمپڪ جي ڊيگهه چاليهن کان ستر فوٽن تائين ٿئي ٿي. هـن جــو هـلـڪـو سـائو ڪاٺ پائيدار ٿئي ٿو، جنهن مان اڪثر فرنيچر ٺاهيو وڃي ٿو. ٻوڌي ڪاريگر اڪثر هن کي ٻڌ جون مورتيون ٺاهڻ لاءِ خانقاهن ڀرسان لڳائيندا آهن. هن جي گلن مان حاصل ٿيندڙ تيل کي ’چمپڪا‘ چوندا آهن، جيڪو پرفيوم ٺاهڻ جي ڪم به ايندو آهي.


لفظ چمپڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو