چمپا

چمپا

چمپا

چمپا (Plumeria/Temple Tree): چمپا هڪ سدا بهار ٻوٽو آهي، جنهن کي چنپئو، چنپيو، سن، چمپڪ وغيره به سڏيو وڃي ٿو. هن جا گل خوشبودار ۽ خوبصورت ٿيندا آهن. هن جا گل نارنگي رنگ جا ٿيندا آهن. هن ٻوٽي جون ڪاٺيون اڇيون ٿينديون آهن. هن جا گُل دِل کي فرحت ۽ سرور بخشيندا آهن. انهن مان عطر به ڪڍيو ويندو آهي. چمپا جا ڇوڏا واري جي تپ لاءِ سفوف طور ڪتب آندا وڃن ٿا ۽ هن جا گونچ پاڻيءَ ۾ پُسائي، اکين جي بيماريءَ لاءِ استعمال ڪرائيندا آهن. هن جي پاڙ ڦَٽَن ۽ ڳڙن تي لڳائڻ سان آرام اچي وڃي ٿو.
چـمـپـا جـا پـنج قـسـم ٿـيـن ٿـا: (1) ’ڀـونءِ چـمـپا‘، (2) ’نـاگ چـمـپـا‘، (3) ’سلطان چمپا‘، (4) ’هار چمپا‘ ۽ (5) خيرسون چمپا‘.
انـگـريــزيءَ ۾ چمپا کي ’پلوميريا‘ چوندا آهن. سترهين صديءَ جي مشهور ماهر حيات چارلس چمپا ۽ ٻين گلن ۽ ٻوٽن تي نمايان ڪــم ڪـيـو هــو. فرانس ۾ چمپا مان ’چمپا پرفيم‘ ٺاهي وڃي ٿي. چمپا ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جو مشهور ٻوٽو آهي. هندستاني ۽ ملائي قديم ادب ۾ چمپا جو ڪارج اهو بيان ڪيو ويو آهي ته ان جي پنن جي خوشبوءِ سان جن ڀوت ڀڄي ويندا آهن. چمپا جا گل هندن ۽ ٻڌن جي مندرن ۽ وهارن ۾ مذهبي رسمن ادا ڪرڻ لاءِ ڪم ايندا آهن. چمپا جي گل ۾ رنگ، خوبصورتي ۽ هٻڪار ٽي خوبيون آهن، پر عجب آهي هن تي ماکيءَ جون مکيون نه ويهنديون آهن.


لفظ چمپاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو