چرونجي

چرونجي (Cuddapah Almond): هي هڪ وڻ آهي، جنهن کي عربيءَ ۾ حب السمنه، بنگاليءَ ۾ پيال، گجراتي ۾ چيروليم، هندي ۾ چرپيرا پيال، پنجابي ۾ چرولي ۽ سنسڪرت ۾ ڌاتو شپتا چون. هي وڻ ٻارهن کان پندرهن ميٽر ڊگهو ٿيندو آهي، هن جي ٽارين تي هلڪو رونئون هوندو آهي، پن ٿلها ساڍا ٻارهن کان پنجويهه سينٽي ميٽر ڊگها، سوا ڇهن سينٽي ميٽرن کان ساڍا ٻارهن سينٽي ميٽر ويڪرا هوندا آهن. هي وڻ گهڻو ڪري سڄو سال سرسبز رهي ٿو. هن جو مزاج گرم آهي، حڪيمن موجب هن جي پاڙ ڪڙي آهي، جيڪا بلغم ختم ڪري ٿي، هن جو ڦل کٺ مٺو ۽ بدن کي ٿلهو ڪري ٿو، رت صاف ڪرڻ کانسواءِ اڃ ختم ڪري ٿو. هن جي ٻج جو مغز جنهن کي چرونجي چئجي ٿو، الرجي لاءِ انتهائي مفيد آهي. هن جو عرق ٻارن جي سوتي ڪپڙن کي ختم ڪرڻ سان گڏ آنڊن جي ڪثافت تحليل ڪري ٿو، هن جو عرق نظر به وڌائي ٿو.


لفظ چرونجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو