آمري - گدامڙي

آمري - گدامڙي

آمري2

آمري2: ھڪ قسم جو وڻ ۽ ان جو ڦر، سڄي سنڌ ۾ ٿئي، گھڻو ڪري چيڪي مٽيءَ واري ايراضيءَ ۾ ٿئي ٿو. 80 فوٽن تائين اوچو ٿيندو آھي. ھيءُ وڻ شايد ھمالياتي جابلو ايراضيءَ مان ڪنھن آڳاٽي دور ۾ سنڌو درياءَ جي وسيلي سنڌ ۾ پھتو. ھيءُ وڻ چئن پنجن سون سالن جي عمر جو به ٿيندو آھي. آمريءَ جي وڻ جا پن ٻٻر جي پنن وانگر سھڻا ۽ کنڀن جي شڪل وانگر ٿين ٿا. ھن وڻ جا پن ۽ ڦر کٽو ٿئي ٿو. ڦر ڇڳن ۾ ڦرين جي صورت ۾ ٿئيس، جن کي ”آمرا“ چوندا آھن. آمرا ڪچا ھوندا ته ساوا ۽ کٽا ۽ پچڻ تي معمولي مٺاڻ وارا، پر کٽا ٿيندا آھن. آمريءَ جي ڦري ٻاھران سخت ھوندي آھي، پر ان جي اندران تيزابي رس واري ڳر يا گودو ٿئي ٿو، انھيءَ ڪري پڪل ۽ ڳر واري ڦر کي ”گدامري“ به چوندا آھن. گدامريءَ ۾ مٺاڻ کان سواءِ ٻيا به ڪئين تيزاب ھوندا آھن. ھن وڻ جي گلن جو رنگ نارنگي ٿيندو آھي. عام طرح گدامري ٻوڙ ڀاڄيءَ ۾ مصالحي طور استعمال ڪئي ويندي آھي، چٽڻي ٺاھڻ ۾ گھڻي استعمال ٿئي ٿي پر ساون آمرن جي چٽڻيءَ جو مزو ئي مختلف ٿيندو آھي ۽ عورتون اھا وڏي شوق سان کائينديون آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو