داليون

داليون

رانها/ چؤنرا

رانها/ چؤنرا

داليون

داليون: داليون، ٻجن وارا فصل آهن ۽ انسان جي اهم خوراڪ ۾ شمار ٿين ٿيون. دال، خوراڪ جي لحمياتي جزن جي نسبت سان اهم آهي. دال جي فصل جا مختلف قسم لڳ ڀڳ سڄيءَ دنيا ۾ پوکيا وڃن ٿا. خاص ڪري ڏکڻ ايشيا ۾ به دال جي فصل جي گھڻي پيداوار ٿئي ٿي. سنڌ ۾دالين جا فصل آمدنيءَ توڙي خوراڪ جي لحاظ کان پوکيا وڃن ٿا. طبي ماهرن موجب: هر ماڻهوءَ جي روزاني کاڌ خوراڪ ۾ 60 کان 70 گرام لحميات جي گھرج آهي، جنهن سان ماڻهوءَ جي جسماني واڌ ويجهه ٿئي ٿي. دالين ۾ قدرتي طور 20 کان 28 سيڪڙي تائين لحمياتي جزا موجود آهن. جيتوڻيڪ لحميات (Proteins) ٻين کاڌن: گوشت، مڇي، بيضن وغيره مان به ملي ٿي، پر داليون سستي اگهه ۾ لحمياتي جزن جو گھڻي قدر پورائو ڪن ٿيون.
داليون سنڌ ۾ کاڌ خوراڪ جي مختلف طريقن، جهڙوڪ: ڀاڄي، بيسڻ جي شين، پڪوڙن، ٽڪين، چڻن (ڇولن)، ڀُڳڙن، ڪبابن ۽ سُوپ ۾ استعمال ڪيون وينديون آهن. ان کان سواءِ ڪڪڙ جي گوشت يا مڇيءَ کي فرائي ڪرڻ لاءِ دال جو تهه چاڙهي پچايو ويندو آهي.
دالين جي فصل مان انساني خوراڪ کان سواءِ زمين لاءِ سائي ڀاڻ، جانورن جي چاري، پرڏيهي ناڻي ۽ پاڻيءَ جي بچت جھڙا فائدا به ٿين ٿا. دال جو فصل ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ گھٽ عرصي ۾ تيار ٿئي ٿو. دالين جي لڳ ڀڳ سمورن قسمن جي پوک ٻن موسمن: ربيع ۽ خريف ۾ ڪئي ويندي آهي. ربيع ۾ چڻن، مٽرن ۽ مهريءَ جي دال ۽ خريف ۾ مانهه، چؤنرن/ رانهن، موٺ، گوار ۽ ارهڙ جي پوک ڪئي ويندي آهي. هي فصل به ٻين زرعي فصلن وانگر جديد زرعي اوزارن ذريعي ڇٽ ۽ ڪاهه رستي پوکيا، لڻيا، ڳاهيا ۽ صاف ڪيا ويندا آهن.
سنڌ ۾ دالين جي فصل کي سٺي آمدني ڏيندڙ فصل طور پوکيو ويندو آهي. دالين جا هيٺيان قسم آهن، جيڪي مختلف جنسن طور پنهنجي ڌار ڌار سڃاڻپ رکن ٿا:
رانها/ چؤنرا (Cow Peas): چؤنرا، دالين جو مکيه فصل آهي، جيڪو اناج، ڀاڄي، سائي گاهه ۽ زمين لاءِ سائي ڀاڻ طور ڪارائتو آهي. چونئرن جي ٻجن مان ڪوهر رڌبا آهن، جيڪي شهرن توڙي ٻهراڙيءَ ۾ شوق سان کاڌا وڃن ٿا. هي خريف جو فصل آهي. هن جي بهتر واڌ ويجهه لاءِ گرم موسم ڪارگر آهي.
هن فصل جو اصل وطن هندستان ۽ پاڪستان آهي، جتان هيءُ فصل دنيا جي ٻين ملڪن: آفريڪا، چين، اتر ايشيا جي ملڪن ۽ يورپ وغيره ڏانهن پکڙيو آهي. چؤنرن جي پوک سنڌ جي هر علائقي ۾ ڪئي وڃي ٿي. خاص طور لٽاشي ۽ وچولي زمين هن فصل جي پوکائيءَ لاءِ ڪارائتي آهي. هيءُ فصل جلد پاڻي جذب ڪندڙ زمين ۾ سٺو ٿئي ٿو، ڪلر واري زمين ۾ نٿو اسري. چونئرن جي فصل بابت ميرپورخاص زرعي تحقيقي انسٽيٽيوٽ خاص ڪم ڪيو آهي ۽ مختلف جنسون متعارف ڪرايون آهن.
رانهن/ چونئرن جي سفارش ڪيل جنسن ۾ ميرپور خاص سليڪشن، فارم 71، سي. بي. اي. ڊي 71 شامل آهن. هن جي پوکائيءَ لاءِ گھريلو ٻج به پوکي سگھجي ٿو، جنهن لاءِ ضروري آهي ته اهو ٻج سُري وغيره کان بچيل ۽ صحتمند هجي. چؤنرن جي پوک لاءِ 10 کان 12 ڪلوگرام ٻج في ايڪڙ جي حساب سان ڪم آڻبو آهي. هن فصل جي بهتر واڌويجهه لاءِ ڏهه ڪلوگرام نائٽروجن، ويهه ڪلوگرام فاسفورس ۽ ڏيڍ ٻوري ڊي. اي. پي ۽ هڪ کان ٻه ٻوريون سلفيٽ آف پوٽاشيم گڏائي ناليون ٺاهڻ يا ڪاهه ڪرڻ وقت ٻج سان ڏيڻ گھرجن. ان کان سواءِ گل ٻاٽيءَ وقت ۽ فصل پچڻ واري مرحلي ۾ به ڀاڻ ڏنو وڃي ٿو. هن فصل لاءِ عام طرح ٽي پاڻي ڪافي هوندا آهن، پهريون پاڻي پوکائيءَ جي ٽن هفتن بعد ۽ ٻه پاڻي 20 کان 25 ڏينهن جي وقفي بعد ڏنا ويندا آهن.
موٺ/ مهريءَ جي دال (Aconite-leaved Kidney Bean): موٺ يا مهريءَ جي دال کي اردوءَ ۾ دال موٺ(Phaseolus aconitifolius)، عربيءَ ۾ عرس، فارسيءَ ۾ تشڪ ۽ هنديءَ ۾ مسور چوندا آهن. هيءَ دال ڳاڙهي رنگ جي چپترن گول داڻن جي ٿيندي آهي ۽ اُن جا ٻه قسم ٿيندا آهن. هيءَ دال پاڪستان ۽ هندستان ۾ پوکي وڃي ٿي. حڪيمن موجب مهريءَ جي دال کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي ان پاڻيءَ سان گرڙيون ڪرڻ سان وات جي بدبوءِ ختم ٿيندي آهي. هيءَ دال وات جي پچڻ، کنگهه، سيني جي سور، تپ ۽ دستن لاءِ مفيد آهي. هن کي سرڪي ۾ رڌي لپري ڪري، خناق جي ڳوڙهن ۽ سخت سوڄ تي ٻڌڻ سان فائدو ٿيندو آهي. هيءَ دال دير سان هضم ٿئي ٿي. هن ۾ پاڻي 11.2 سيڪڙو، نائٽروجن وارو مادو 0.64 سيڪڙو ۽ لوڻياٺ 3.56 سيڪڙو موجود آهي.
اُڙد جي دال (Hairy- podded kidney Bean): اُڙد جي دال کي لاطينيءَ ۾ (Phasiolus max) چئبو آهي. هن دال جي ٻوٽي جو هر حصو سنهن وارن سان ڍڪيل ٿيندو آهي ۽ ڦريون به وارن سان ڀرپور هونديون آهن. هن دال جو فصل پاڪستان، هندستان ۽ سريلنڪا ۾ ٿيندو آهي. ستلج واديءَ، رامپور ۽ سنگنام ۾ هي ٻوٽو 6000 فوٽن جي اوچائيءَ تي به پوکيو وڃي ٿو.
مُڱن جي دال (Common Bean): مُڱن جي دال جو لاطيني نالو (Phaseolus Mungo) آهي. هن دال جي داڻي جو رنگ سائو ۽ ڪاراڻ مائل ٿيندو آهي. هن جو سواد ٻين دالن کان بهتر آهي. هن ۾ 9.20 سيڪڙو پاڻي، 24.70 سيڪڙو نائٽروجن ۽ 60.36 سيڪڙو نشاستو هوندو آهي. هن ۾ 1.48 سيڪڙو چرٻي ۽ لوڻياٺ 3.26 سيڪڙو موجود هوندي آهي. مڱ پاڪستان، هندستان ۽ سريلنڪا ۾ پوکيا وڃن ٿا. نيپال ۾ جبلن جي وادين ۾ مڱن جي پوک سٺي اُپت ڏئي ٿي.
مانهه جي دال (Rayed- kidney Bean): مانهه جي دال جو لاطيني نالو Phaseolus radiatus آهي. هن دال جو ٻوٽو هندستان، نيپال، سريلنڪا ۽ نيپال ۾ پوکيو وڃي ٿو. نيپال ۾ 5000 فوٽن جي اوچائيءَ تي هن کي ڪاميابيءَ سان پوکيو وڃي ٿو. هن کي هر طبقي جا ماڻهو شوق سان کائيندا آهن. مانهه جي ٻج جي تور ماسي جيتري آهي. ان ڪري هن کي رتيءَ جي ٻج وانگر سونارا ماسي طور به توريندا آهن. مانهه جون پاڙون، پن ۽ ڏانڊيون مال جي چاري طور استعمال ٿين ٿيون.
چڻن جي دال: چڻا ربيع جو فصل آهي. فـصل لـهـڻ کانپوءِ چـڻـن کـي ڏَري، اُن مان دال ٺاهيندا آهن. چڻن جي دال کاڌي ۾ عام واپرائي وڃي ٿي، جنهن ۾ پروٽين ۽ لحميات موجود آهي. (وڌيڪ ڏسو: ’چڻا‘، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون.)


لفظ داليونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو