سبزيءَ جي هڪ بازار

سبزيءَ جي هڪ بازار

رات جي وقت ۾ بازر جو نظارو

رات جي وقت ۾ بازر جو نظارو

جديد بازار (مارڪيٽ) جو ڏيک

جديد بازار (مارڪيٽ) جو ڏيک

ٻاهرين ملڪن ۾ بازر جو ڏيک

ٻاهرين ملڪن ۾ بازر جو ڏيک

بازار

بازار: دڪانن جي قطار وارو هنڌ، جتي هر قسم جو واپار ٿئي. خريد و فروخت وارو هنڌ، جتي مستقل يا عارضي دڪان هجن. ميڙن وارن ڏهاڙن تي به عارضي بازار لڳندي آهي. مغلن جي دور ۾ شاهي خاندان جي عورتن لاءِ سال ۾ هڪ ڀيرو ”مينا بازار“ لڳندي هئي، جنهن ۾ بادشاهه پاڻ شريڪ ٿيندا هئا. انهن بازارن ۾ لکين رپين جو واپار ٿيندو هو. هن وقت وڏن شهرن ۾ عام ماڻهن جي سهوليت لاءِ ”جمعي بازار“، ”آچر بازار“ ۽ عورتن لاءِ ”مينا بازار“ وغيره جي نالن سان ”بازارين“ جو سلسلو هلندڙ آهي. لفظ بازار شاهه لطيف به هڪ بيت ۾ ڪتب آندو آهي: نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون، پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي ! بازار کي مارڪيٽ به چئبو آهي


لفظ بازارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو