السي

السي

السي

اِلسي: هڪ قسم جو ٻوٽو آهي، جيڪو تيلي ٻجن وارن ٻوٽن ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءُ ريشي دار يا تاندورن وارو ٻوٽو آهي، جنھن جا گل نيرا ٿين ٿا. هن جي تاندورن مان ڪپڙو ۽ سگريٽ جو پَنو ٺاهيو ويندو آهي. اڄڪلهه تاندورا حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيا ڪيترائي ٻوٽا ۽ هٿراڌو شيون وجود ۾ اچي چڪيون آهن، پر اڄ به روس ۽ بيلجم ۾ هن مان ڪپڙو ۽ سگريٽ جو پنو ٺاهيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ اِلسيءَ جو ٻوٽو گلڪاريءَ خاطر باغيچن ۾ پوکيو وڃي ٿو. السيءَ جي ٻجن مان تيل به ڪڍيو ويندو آهي، جيڪو وارنش جي تياريءَ ۾ ڪم ايندو آهي. ان کان سواءِ روغني ڪِرِمِچ، مَس ۽ دوائن وغيره ٺاهڻ جي به ڪم اچي ٿو. السيءَ جي ٻجن جو کڙ چوپاين جانورن لاءِ طاقتور غذا آهي. سنڌ ۾ السيءَ کي ڪمائيءَ واري فصل طور پوکيو ويندو آهي. حڪيمن جو چوڻ آهي ته هن جو ٻج طبي لحاظ سان فائديمند آهي. هڪ گز يا ان کان ڊگهي ڪاراڻ مائل ڳاڙهن گلن ۽ گول خاردار پنن سان چئونرن کان ننڍا سائي نموني ٻج ڪندڙ هيءُ ٻوٽو سواد ۾ جاڻ جيان ٿئي ٿو. ڪتي جي کاڌي لاءِ مفيد آهي. حڪيمن مطابق مواد کي تحليل ڪندڙ، رطوبت کي اعتدال سان سڪائيندڙ، مٿي جو سور وڃائيندڙ، اڀ ساهي، معدي جي ريح، سنڌن جي سور، گردن جي ريح، چھري جي ڇانئن ۽ بدن جي داڳن کي ختم ڪرڻ لاءِ پيٽ جا ڪينئان ماري، گردي ۽ مثاني جي پٿري نيڪال ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. مٿي جي ڦرڙين لاءِ سندس ٻج ماکيءَ ۾ ملائي لائڻ سان ۽ پاڻي ۾ ڪاڙهي پيارڻ سان فائدو ڏين ٿا. آبھوا ۽ زمين: السي ساليانو ربيع جو فصل آهي، جنھن جو قد 2 يا 3 فوٽ ٿئي ٿو. هن جا پن گول ۽ ننڍا گُل ٿيندا آهن. ٻج جو رنگ ڀورو ۽ ناسي ٿيندو آهي. هن ۾ L-1 ۽ L-8 سٺيون جنسون آهن. هيءُ فصل ٿڌن ملڪن ۾ وڌيڪ سٺو ٿئي ٿو. هن فصل کي وارياسي، لٽياسي ۽ جيڪي لٽياسي زمين ۾ پوکي سگهجي ٿو. پوکيءَ جو طريقو: زمين کي 2-3 سُڪيءَ جا هر ڏيئي تيار ڪجي. زمين جي تياريءَ کان پوءِ 8 ايڪڙ انچ پاڻي ڏيئي، زمين کي رجائبو آهي. جڏهن زمين وَٽ ۾ اچي ته 2 سائيءَ جا هر ڏيئي مٿان سنھوار/ڪيِڻ گهمائي زمين کي ڍڪي ڇڏجي. فصل کي ناڙي وسيلي پوکجي. ناڙي 9 کان 12 انچن جي مفاصلي تي ڪجي. هڪ ايڪڙ کي پنج کان 6 ڪلو ٻج ڏيڻ گهرجي. پوکيءَ جو وقت آڪٽوبر ۽ نومبر جا مھينا آهن. 4 يا 5 ڀيرا پاڻي ڏيڻ سان هي فصل پچي تيار ٿيندو آهي. پھريون پاڻي هڪ مھيني کان پوءِ ڏبو آهي، باقي ٻيا پاڻي 20 يا 25 ڏينھن جي وقفي کان پوءِ ڏيڻ گهرجن. فصل کي 16 کان 20 ايڪڙ انچ پاڻي ڏبو آهي. لابارو: هي فصل 5 مھينن ۾ تيار ٿي ويندو آهي، يا جڏهن هن جي پنن جو رنگ ڦِڪو ٿيڻ لڳي ته اُن وقت هن فصل جو لابارو ڪرڻ گهرجي. لابارو ڏاٽن سان/مشين سان يا وري هٿن سان پاڙان ڇڪي ڪڍبو آهي. کري کي 10-15 ڏينھن سڪڻ کان پوءِ، ڳاهه ڏيئي ٻج کي صاف ڪيو ويندو آهي. السي جي ٻج مان 40 سيڪڙو تيل ملندو آهي.


لفظ السيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو