صمد

صمد (اسماء الحسنيٰ): هن جي معنيٰ ‘بي نياز’ جيڪو ڪنهن جو به محتاج نه هجي، اسين پنهنجي حاجتن ۾ الله سائينءَ جا محتاج آهيون. سڀئي انسان پنهنجي ضرورتن موجب الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ سوال ڪندا آهن ۽ پنهنجي حاجتن لاءِ کيس پڪاريندا آهن. هو گنهگارن جي به ٻڌي ٿو ۽ پنهنجي نيڪ پرهيزگار ۽ عبادتگذار بندن جي به ٻڌي ٿو، هي اسم جلالي آهي. هن جا ابجدي اعداد 132 آهن. قرآن مجيد ۾ صرف هڪ دفعو سورة اخلاق ۾ آيو آهي.


لفظ صمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو