ٻارڻ

ٻارڻ: اهي شيون جن کي باهه ڏئي گرمي يا توانائي پيدا ڪجي. عام طرح ٻارڻ ۾ ڪاٺيون، ڪوئلا، تيل، ڇيڻا وغيره ڪم ايندا آهن. اڳي سِرُن پچائڻ يا چُن پچائڻ لاءِ کُوري کي وونئڻاٺين يا سارين جي تُهن جو ٻَلُ (ٻَلُ = ٻارڻ، باهه) ڏبو هو. هن وقت پيٽرول وانگر معدني تيل، فرنيس آئل ٻارڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ان کان علاوه ڊيزل، گاسليٽ پڻ ٻارڻ طور استعمال ٿيندو آهي. اڄڪلهه کُورن ۽ ڪارخانن ۾ قدرتي گئس (سُئي گئس) جو استعمال گهڻو وڌي ويو آهي. جديد دور ۾ سج جي گرميءَ (Solar energy) ۽ هوا جي تيزيءَ (Wind energy) ۽ ٻين ذريعن کي پڻ انهيءَ مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن .


لفظ ٻارڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو