عرس

عرس: عرس اصل ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي آمد جي خوشيءَ ۾ ربيع الاول جي مهيني ۾ ملهايو وڃي ٿو، پر ان سان گڏ صوفي بزرگن يا مذهبي اڳواڻن جي مزارن تي هر سال سندن وفات جي موقعي تي جيڪو اجتماع ٿئي ٿو، تنهن کي ‘عرس’ به چون ٿا. عرس لفظ جي لغوي معنيٰ “ڪنهن اوليا يا بزرگ جي نالي ڪيل کاڌو، ڪنهن پير يا وليءَ جي ياد ۾ سندس ممتاتيءَ وارو ملهايل ڏينهن” وغيره آهي.عرس جي موقعي تي ڪن هنڌن تي قرآن خواني، ختم، درود وعظ ۽ تقريرن جون محفلون منعقد ڪري بزرگن جي روحن کي ثواب پهچايو وڃي ٿو ۽ ڪن هنڌن تي مزارن تي چادرون (پڙ) ۽ گل وڌا وڃن ٿا، مريدن ۽ معتقدن طرفان ننگر (نذر) نياز ڪيو وڃي ٿو ۽ باسون باسيون وڃن ٿيون ۽ راڳ رنگ (سماع) جون محفلون پڻ منعقد ٿينديون آهن، جن ۾ راڳي حمد، نعتون، مولود ۽ صوفياڻو ڪلام ڳائي ٻڌائين ٿا. پاڪستان ۾ حضرت علي هجويري المعروف داتا گنج بخش رحمة الله عليه (لاهور)، حضرت بابا فريد گنج شڪر رحمة الله عليه (پاڪ پتن)، سنڌ ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه (ڀٽ شاهه)، حضرت لعل شهباز قلندر رحمة الله عليه (سيوهڻ شريف)، حضرت سچل سرمست رحمة الله عليه (درازا شريف) ۽ حضرت شاهه عنايت شهيد (جهوڪ شريف) وغيره صوفين سڳورن جي مزارن تي هر سال ڌام ڌوم سان عرس منعقد ٿين ٿا، جن ۾ سنڌ ۽ هند جا هزارين معتقد شريڪ ٿين ٿا. حضرت پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليه (پير جو ڳوٺ)، حضرت سيد غلام حسين شاهه صاحب (قمبر شريف) ۽ حضرت مشوري شريف وغيره سنڌ جي سداحيات بزرگن جون اهي درگاهون آهن، جتي عرس جي موقعن تي ڪا به غير شرعي ڳالهه نه ٿي ٿئي. ڇو ته اتي عرس انهن بزرگن نه بلڪه حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي ولادت مبارڪ جي خوشيءَ ۾ ربيع الاول شريف جي مهيني ۾ ملهايا وڃن ٿا. هونءَ به سنڌ سان گڏ سڄي دنيا ۾ ربيع الاول شريف جو مهينو عرس (ميلاد) جو مهينو ليکيو وڃي ٿو ۽ مسلمان نه فقط جلسن، جلوسن محفلن جي صورت ۾ نبي پاڪ جن جي آمد جي خوشي ملهائن ٿا. بلڪ هر گهر ۾ عرس ملهايو وڃي ٿو.عرس جي جائز يا ناجائز هجڻ بابت مسلمانن جي طبقن ۾ اختلاف آهن. بزرگن جي معتقد ماڻهن جو خيال آهي ته عرس بزرگن ۽ الله تعالى جي پيارن ٻانهن سان عقيدت ۽ محبت جو اظهار آهي. جڏهن ته ٻيا ڪي ڌار مسلڪ وارا ماڻهو ان کي بدعت قرار ڏين ٿا. انهن جو چوڻ آهي ته نذر نياز ۽ دعائون وغيره عبادت ۾ شامل نه آهن ۽ عبادت فقط هڪ الله تعالى جي هجڻ گهرجي. مزارن ۽ قبرن تي فقط ان لاءِ وڃڻ جي اجازت آهي، جو اتي وڃڻ سان موت ياد اچي ٿو، جنهن کان عبرت حاصل ڪجي.


لفظ عرسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو