جائز

جائز: هيءُ هڪ ديني ۽ فقهي اصطلاح آهي، جنهن مان مراد اُهي فعل (ڪم) آهن، جيڪي ڪرڻ جي اجازت آهي. يعني اهي فعل اسلامي شريعت جي خلاف نه آهن. فقھ جي عالمن اهڙن ڪمن جا پنج قسم بيان ڪيا آهن، جيڪي ڪرڻ جي اجازت آهي، انهن کي عام طرح ’مباح‘ چيو ويندو آهي، (1) جيڪو ڪرڻ يا نه ڪرڻ ساڳي ڳالهه آهي، (2) جيڪو شرعي طرح منع ٿيل ناهي هوندو، توڙي جو مڪروه هجي، (3) اهو ڪم جيڪو واجب هجي يا مڪروهه هجي ۽ عقل ان کي قبول ڪندو هجي، (4) اهو فعل، جنهن جي لاءِ شريعت ۾ مباح جو حڪم جاري نه هجي، انهيءَ ڪري اهو ڪم جائز آهي، (5) اهو ڪم مشڪوڪ هجي، اهو اهڙو ڪم آهي، جنهن لاءِ انسان جو عقل اهو چوي ته ٻئي ڳالهيون برابر آهن ۽ اهو به ته شرعي لحاظ سان منع ٿيل نه هجي.



لفظ جائزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو