چشتيان

چشتيان: چشتيان پنجاب جي ضلعي بهاول نگر جو مشهور شهر آهي، هتي صوفي بزرگ بابا تاج الدين سرور چشتيءَ جو مقبرو آهي. هيءُ شهر بابا فريد الدين شڪر گنج جي پوٽي بابا تاج الدين سرور جي نالي سان منسوب آهي. هتي هر سال ذو الحج جي مهيني ۾ بابا تاج الدين سرور جو عرس لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارين عقيدتمند شريڪ ٿيندا آهن. هن شهر ۾ هڪ ٻئي وڏي بزرگ خواجه نورمحمد مهاروي جي مزار به موجود آهي. شهر ۾ ڪپهه ۽ اناج جون منڊيون به آهن.


لفظ چشتيانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو