پائي جي تصوير

پائي جي تصوير

پائي

پائِي: هڪ قسم جو سڪو، جيڪو پاڪستان ۾ ڏهائي نظام کان اڳ رائج هو. ان جي جدول هيٺينءَ ريت هئي: 4 پايون = هڪ پئسو، 4 پئسا = هڪ آنو، 16 آنا = هڪ رپيو. هڪ رپئي جي ڀاڃ جا وري ننڍا ننڍا جدا سڪا ٺهيل هوندا هئا، جيئن: پائي، پئسو، آنو، ٻياني (ٻه آنا)، پائلي ۽ آڌيو، پائي ۽ پئسو ٽامي جا سڪا هئا. آنو نڪل جو سڪو هوندو هو. ٻياني، پائلي، آڌيو ۽ رپيو چانديءَ جا سڪا هوندا هئا، پر ٻيءَ مهاڀاري جنگ ۾ چانديءَ جا سڀ سڪا گم ٿي ويا، انهن جي جاءِ تي سواءِ ٽامي جي سڪن جي، ٻيا سڀ سڪا نِڪل (ڌاتو) مان ٺهيل رائج ٿيا. پائي هاڻي استعمال ۾ ناهي.


لفظ پائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو