تنقيدون

تنقيدون (ڪتاب ):هن ڪتاب جو ليکڪ، نامور نقاد ۽ اسڪالر ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو آهي. 294 صفحن وارو هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ، ڄامشوري پاران سنڌ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1980ع جي نومبر مهيني ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ ادبي تنقيد جو پسمنظر، اخلاقياتي، مذهبي، نظرياتي، جمالياتي، سماجياتي، افادياتي، داخلي ۽ عملي تنقيد جا نمونا ۽ انهن جي ڇيد تي سٺي نموني سمجهاڻيون ڏنل آهن. ادبي نقادن لاءِ هيءُ ڪتاب رهنما ثابت ٿي سگهي ٿو .


لفظ تنقيدونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو