خاڪي

خاڪي (Khaki): خاڪ معنيٰ مٽي، ۽ خاڪي رنگ مٽيءَ جهڙو ٿئي ٿو، خاص طور فوجي ورديءَ لاءِ ’خاڪي‘ لفظ استعمال ٿيندو آهي. هي خاڪي ڪپڙو سوٽي ڌاڳي ۽ اُن کي ملائي تيار ڪيو ويندو آهي. ’خاڪي وردين‘ کي سرهيري بيورنيٽ ۽ وليم اسٽيفن 1848ع هندوستان جي برطانوي فوجين لاءِ متعارف ڪرايو هو. اڳتي هلي 1857ع واري بغاوت وقت خاڪي وردي وڏي پيماني تي استعمال ٿي رهي هئي، جيڪا اڳتي هلي هندستان جي برطانوي فوج جو يونيفارم بڻجي وئي ۽ هن وقت پاڪستاني فوج جو يونيفارم آهي.


لفظ خاڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو