انڊلٺ

انڊلٺ

انڊلٺ

انڊلٺ: برسات کان پوءِ آسمان ۾ ظاهر ٿيندڙ ستن رنگن وارو آسماني پٽو.
انڊلٺ ۾ ترتيبوار ست رنگ ٿيندا آهن: واڱڻائي، نيرو، اڇو، سائو، پيلو، ترنجي ۽ ڳاڙهو. واڱڻائي رنگ مٿان ۽ ڳاڙهو رنگ هيٺيان ٿيندو اٿس. ٻيا رنگ انهن ٻنهي جي وچ ۾ هوندا آهن. انڊلٺ جي سائنسي جوڙجڪ هيٺينءَ ريت آهي:
مينهن وسڻ کان پوءِ وايومنڊل ۾ مينهن جي سنهي بوندار رهجي ويندي آهي، پوءِ جڏهن سج مان ايندڙ سفيد روشني، انهن سنهين بوندن مان لنگهندي آهي ته اُن جا ست رنگ الڳ الڳ ٿي ويندا آهن. مينهن جون بوندون گول هونديون آهن، تنهنڪري انڊلٺ جي شڪل به گولائيءَ ۾ هوندي آهي ۽ اها ڪمان جي صورت ۾، اڌ گول وانگر نظر ايندي آهي.
انڊلٺ عام طور تي ان صورت ۾ نظر ايندي آهي، جڏهن سج پٺئين طرف ۽ پاڻيءَ جي ڦڙن جو ميڙ اکين جي سامهون هوندو آهي. انڊلٺ ظاهر ٿيڻ لاءِ اهو لازمي آهي ته مينهن وسڻ کان پوءِ يڪدم سج نڪري اچي. حقيقت ۾ انڊلٺ، سج جي ڪرڻن يعني روشنيءَ جي قدرتي ستن رنگن جي تقسيم آهي.
انڊلٺ کي هنديءَ وارا ”اندر ڌنش“ چوندا آهن. فارسيءَ ۾ هن کي ”قوس قزح“ ۽ انگريزيءَ ۾ ”رين بو“ (Rainbow) سڏيندا آهن .


لفظ انڊلٺھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو