
سچل سرمست جي خيالي تصوير

سچل سرمست جي درگاهه
سچل/ سچل سرمست: سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ٽمورتيءَ (شاھہ، سچل ۽ ساميءَ) جو ٻيو عظيم ۽ صوفي شاعر، اناالحق جو پرچارڪ، حضرت سچل سرمست آهي. سچل سرمست جو اصل نالو ميان عبدالوهاب هو. کيس پيار مان ’سچل، سچو يا سچيڏنو‘ سڏيندا هئا. پاڻ پنھنجي سنڌي ڪلام ۾ ’سچو‘ ۽ ’سچل‘ تخلص ڪم آندو اٿن، جڏهن تہ فارسي شاعريءَ ۾ ’خدائي‘ ۽ ’آشڪار‘ تخلص ڪم آڻيندا هئا.
سنڌ جي هن عظيم صوفي شاعر جو جنم 1152ھہ مطابق 1739ع ڌاري رياست خيرپور جي تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ درازا ۾ ميان صلاح الدين جي گهر ۾ ٿيو. سندس ڏاڏي جو نالو ميان خواجہ محمد حافظ المعروف صاحبڏنو فاروقي ’موراڳي‘ هو، جيڪو پڻ شعر ۽ سخن جو صاحب هو.
سچل سرمست جي جنم بابت ڪن عالمن اختلاف ڏيکاريندي سندس جنم 1170ھہ ڄاڻايو آهي، جنهن موجب سندس عمر 72 سال ٿئي ٿي، پر خاندان ۽ اڪثر محققن 1152ھہ/ 1739ع کي سندس جنم جو درست سال قرار ڏنو آهي. مشھور شاعر قادر بخش ’بيدل‘، جيڪو سچل جو پوئلڳ هو ۽ سچل جي وفات وقت ٻارهن سالن جي عمر جو هو، اُن بہ سچل سائينءَ جي عمر 90 ورهيہ ڄاڻائي آهي:
پانهنجي رائي پرين، ’نوي‘ ورهيہ نروار هو!
پوءِ وصل جي موج ماڻي، ذوق کان ذخار هو.
درازا، راڻيپور اسٽيشن کان ٻن ميلن جي پنڌ تي، گنبٽ ۽ راڻيپور جي وچ ۾ هڪ دلڪش بستيءَ جي صورت رکي ٿو. هن ڳوٺ/ شھر جي آبادي ۽ قدامت لاءِ تاريخ ۾ ڪا درست ڄاڻ نہ ٿي ملي تہ هي ننڍڙو نينھن جو ننگر ڪڏهن آباد ٿيو، پر سچل سائينءَ جي پهرئين سوانح نگار ۽ سندس ڪلام عارفانہ الھام جي مرتب، مرزا علي قلي بيگ هن ڳوٺ جي جُڙڻ بابت هيٺين اُپٽار ڪئي آهي:
”ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾، هن خاندان جي وڏي عزت ٿي. کين گنبٽ ۽ راڻيپور جي وچ ۾ جاگيرون مليون. فاروقي فقيرن اهي جاگيرون پنهنجن ٻن خاص مريدن، هر هڪ: ’دراز ونڊير‘ ۽ ’ڪاجن ونڊير‘ کي آباد ڪرڻ لاءِ ڏنيون، جن اتي پنهنجا ڳوٺ ٻَڌايا. ڪاجن ونڊير جو ڳوٺ درازا جي اتر اولھہ ۾ هو، جيڪو اڳتي هلي ڦِٽي ويو، پر درازا ونڊير جو ڳوٺ، جو پوءِ ’درازا شريف‘ جي نالي سان مشھور ٿيو، اڄ بہ موجود آهي ۽ درازا جي دلبرانه نالي سان سڏجي ٿو. ٿوري عرصي کانپوءِ ميان صاحب ڏنو ۽ ٻيا مخدوم بہ ٻين هنڌن تان لڏي اچي درس درازين داخل ٿيا.“
ان حقيقت کي هوبهو سچل سائينءَ جي ٻين سوانح نگارن پڻ بعد ۾ ائين آندو آهي. مادي طرح کڻي درازا شريف کي اڏيندڙ فقير دراز ونڊير هو، پر روحاني طرح درازا کي ’در-راز‘ (الاهي اسرارن جو دروازو) بنائڻ وارو دولھہ، سچل سائينءَ جو جد امجد فقير صاحبڏنو الملقب ’موراڳي‘ (مور) هو. باقي ان خطي کي ڪا خاص تاريخي ۽ تهذيبي قدامت نہ آهي، البت کهڙا ڪجهہ پراڻو شھر آهي، جتي مخدوم عبدالرحمان کهڙائي شھيد (شهادت: 1145 ھہ) جي پڙڏاڏي مخدوم عبدالخالق 1100ھہ ڌاري پير پپري ڳوٺ مان لڏي اچي سڪونت اختيار ڪئي هئي.
درازا شھر جو نقشو سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ، آگسٽ 1922ع ڌاري ڇپايل ڪتاب ’سچل سرمست‘ ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي:
”خيرپور جي رياست ۾، راڻيپور اسٽيشن کان ميل کن پري درازن جو ڳوٺ آهي، ڳوٺ جي ٻاهران سچل فقير جو روضو آهي ۽ لاڳو ڪرڙن جو جهنگل آهي. درگاھہ سان گڏ سجادہ نشين جي جهوني نموني واري اڏيل جڳھہ آهي، جنهن سان باغ جو ٽڪر لاڳو آهي. ڀر ۾ هڪ کوھہ وڻن جي هيٺ آهي. چوگرد جهڙيون تهڙيون جهوپڙيون اڏيل آهن، مطلب تہ هڪڙا ڪرڙ، ٻيا کٻڙ، جهوني زماني جي جاءِ ۽ ٻہ چار جهوپڙيون، ٻيو اڇو نانءُ ﷲ جو! خلقون ٿيون ماڻهن جون ميلي تي اچن، روز بروز ڳائڻا ۽ ٻيا درگاھہ جي زيارت ڪرڻ اچن ٿا ۽ گهڻيئي ڪامورا ماڻهو پڻ ويندڙ آهن.“
هن وقت درازن جي جاگرافي ۽ محل وقوع تبديل آهي ۽ اڄ درازا هڪ ننڍي شھر جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جتي سرڪاري عمارتون ۽ ثقافت کاتي سنڌ پاران ٺهرايل آڊيٽوريم وغيرہ موجود آهن. سچل سائينءَ جي روضي ۽ ان جي آسپاس مسافرخانن وغيرہ جي پڻ شاندار اڏاوت ٿيل آهي.
حضرت سچل سرمست ڇھن سالن جي عمر جو هو، تہ سندس والد وفات ڪئي ۽ سندس مٿي تان پدرانہ شفقت جو هٿ دور ٿي ويو. جنهن کان پوءِ هو پنھنجي ڏاڏي خواجہ محمد حافظ عرف صاحبڏني فاروقيءَ ۽ پنھنجي چاچي ميان عبدالحق جي تربيت هيٺ رهيو.
سچل سرمست جو حسب نسب پنجٽيهين (35) پيڙهيءَ ۾ حضرت عمر بن خطابرضه سان ملي ٿو. سندس خاندان ان ئي نسبت سان پاڻ کي ’فاروقي‘ سڏائيندو اچي. هن خاندان مان سڀ کان پهريائين شيخ شھاب الدين فاروقي، عربن جي دور ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ چون ٿا تہ سيوهڻ جو گونر رهيو. اڳتي هلي هن خاندان مان ٻہ ڀائر: مخدوم ابو سعيد ۽ مخدوم بدرالدين، جيڪي نورالدين جا فرزند هئا، سي 665 ھہ ڌاري سيوهڻ مان گاگڙي پرڳڻي ۾ لڏي اچي ويٺا. انهن مان مخدوم ابو سعيد جو اولاد لڏي اچي راڻيپور ۾ ويٺو، جن مان قاضي محمد شريف هڪ وڏو عالم ۽ محدث ٿي گذريو آهي. هن خاندان جو ميان احمد فاروقي وڏو مدبر شخص هو، جنهن کي خيرپور جي ميرن وٽ ملازمت ملي، جن سندس خاندان کي گنبٽ ۽ راڻيپور جي وچ تي هڪ وڏي جاگير عطا ڪئي، جنهن جاگير جو انتظام ميان احمد، ٻن ڀائرن ’درازا‘ ۽ ’ڪاجن‘ کي سونپيو، جن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي.
حضرت سچل سرمست ننڍپڻ کان وٺي سدائين سچ ڳالهائيندو هو، ان ڪري مٿس ’سچو‘ نالو پئجي ويو. ننڍي هوندي ئي سندس طبيعت حق جي طرف مائل هئي. چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ فارغ التحصيل ٿيو. گهر توڙي مڪتب ۾ حاصل ڪيل تعليم مان گهڻو ڪجهه پرايائين. ننڍيءَ وهيءَ ۾ روزي نماز ۽ اسلامي حڪمن جي بجاآوري پابنديءَ سان ڪندو هو. ان سان گڏ سندس طبيعت راڳ ڏانهن پڻ مائل هئي. سچل سرمست جيئن جيئن علم ۽ عرفان جون منزلون طئي ڪندو ويو، تيئن تيئن مٿس سرمستيءَ واري ڪيفيت طاري ٿيندي وئي. هن پنھنجي چاچي ميان عبدالحق فاروقيءَ جي هٿ تي بيعت ڪئي، جنهن جي نياڻي سندس نڪاح ۾ آئي. پاڻ قرآن شريف حفظ ڪيائين، فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم پنھنجي چاچي ۽ مرشد ميان عبدالحق کان حاصل ڪيائين، جنهن کيس تصوف ۽ معرفت جا گس ڏَسيا ۽ خلافت جو خرقو عطا ڪيو.
سچل سرمست پنھنجي سنڌي توڙي فارسي شاعريءَ ۾ پنھنجي چاچي عبدالحق کي وڏي عزت ۽ احترام سان مرشد سڏيو آهي ۽ سندس نظر فيض اثر جي تعريف موقعي بہ موقعي ڪندو رهيو. مثال طور:
هاديء - رهنماست حق الحق،
عارفِ اولياست حق الحق،
يڪ دمي دور نيست از مابين
آشڪارا بماست حق الحق!
-
پيرِ ما پير هست عبدالحق
درد دلِ ما نشست عبدالحق.
عمر بکن شت در ظلالت ليک،
رشتهء ڪفر گشت عبدالحق!
-
’سچو‘ سگ درازي آهي روز ازل کئون،
تو پير عبدالحق جو، پيزار ڪيو سين.
-
مرشد هادي عبدالحق جي، وقت پٽيءَ پيزار لڳو،
سچل سرمست اڪيلي سر جهنگ جهر ۾ گهمندو رهندو هو ۽ اڪثر اڪيلائيءَ ۾ غور ۽ فڪر ۾ مشغول رهندو هو. پنجاھہ سالن جي ڄمار ۾ مستي ۽ ڪيف واري حالت مٿس طاري ٿي. شرعي پابندين کان نڪري ’انالحق‘ جو نعرو بلند ڪري ’سرمست‘ ٿي پيو.
ظاهري طرح سچل سائينءَ جو مرشد سندس چاچو عبدالحق هو، ليڪن باطني طور سندس سرمستيءَ جا سرچشما اويسي طريقي وسيلي بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج، فريدالدين عطار نيشاپوري، شمس تبريز ۽ حافظ شيرازي هئا. اهڙو اظهار ۽ اعتراف سندس شاعريءَ ۾ هنڌين ماڳين ملي ٿو.
سولي اوپر منصور هئه، منظور هئه، مشھور هئه،
مئه پي ڪه او مخمور هئه، اس کا عجب دستور هئه،
-
ڪز خويش پرستي بزن نعره اناالحق،
زنار گستي بزن نعره اناالحق.
-
پنھنجي ذات لڪائي، ڪيئن ٻي ذات سڏايان،
’اعليٰ اعظم شان‘ جي نوبت نينھن وڄايان،
منصوريءَ جي موج ۾ ٿو اناالحق اَلايان،
-
هرڪنهن صورت آپ ﷲ
ٻيو ڪو ڄاڻڻ محض گناھہ.
-
من نمي گويم اناالحق، يار مي گويد بگو،
چون نمي گويم مَرا، دلدار مي گويد بگو.
ڪن تذڪره نويسن سچل سرمست جي شبيھہ مبارڪ بابت لکيو آهي تہ قد ۾ وچولو هو، رنگ جو صاف ڪڻڪائون هو. سندس نڪ سنئون ۽ پيشاني کُليل ۽ ٻھڪندڙ هئي. وار ڊگها رکندو هو، مٿي تي هميشہ سائي رنگ جو تاج پهريندو هو. اڪثر اڇي پهراڻ ۽ گوڏ ۾ ملبوس رهندو هو. هڪ وڏو لڪڻ هٿ ۾ هميشہ رکندو هو، اڪثر ڪاٺ جي تخت تي آرامي ٿيندو هو. ڳائڻ وڄائڻ جي شوق سبب تنبورو سدائين ساڻ رکندو هو. جوانيءَ ۾ بہ تزڪيہ نفس جو پابند رهيو. اڳتي هلي جيئن ئي علم ۽ عرفان جون منزلون اُڪري، حق سان سندس شناسائي ٿي تہ مجذوب رهندو هو. اڪثر وقت سندس اکيون ڳاڙهيون هونديون هيون ۽ جسم جا وار ڪانڊارجي اُڀا ٿي پوندا هئس. هُو صوفي لاڪوفي هو، تڏهن تہ بي اختيار چئي ڏنائين:
ڪو مومن چئي، ڪو ڪافر چئي، ڪو جاهل چئي، ڪو ظاهر چئي،
ڪو شاعر چئي، ڪو ساحر چئي، آءٌ جوئي آهيان سوئي آهيان.
خاندان ۾ روايت آهي تہ سچل سرمست ننڍڙو اڃا ستن سالن جو مس هو تہ شاعرن جو سرتاج شاھہ عبداللطيف ڀٽائي سندس ڏاڏي صاحبڏني فاروقيءَ سان ملاقات لاءِ درازن آيو هو ۽ ننڍڙي سچل کي سندس هنج ۾ ڏسي چيو هئائين ته، ”اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي، ان جو ڍڪڻ هيءُ نينگر لاهيندو.“ سالڪن هن مان اهو مطلب ڪڍيو آهي تہ شاھہ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ تصوف جا راز مام ۾ بيان ڪيا آهن، جڏهن تہ سچل سرمست، بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج وانگر علي الاعلان نينھن جو نعرو هنيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان روايت سان اتفاق نہ ٿو ڪري، البت ٻيا اڪثر محقق ان روايت تي اتفاق ڪن ٿا.
سچل سرمست جي همعصرن ۾ نانڪ يوسف، صديق فقير سومرو، شاهن فقير، غلام علي فقير، خليفو ڪرم الله، خليفو گل محمد هالائي، آخوند عزيز الله، صوفي دلپت ۽ ٻيا اعلى پايي جا شاعر شامل هئا. سچل جي زماني ۾ مير سهراب خان سنڌ جو حڪمران هو. سچل سائينءَ جي سموري زندگي جذب ۽ جلال ۾ گذري. سندس حياتيءَ ۾ درگاھہ تي سماع ٿيندو هو. سچل سرمست کي پنھنجي دور جو منصور ثاني سڏيو ويو آهي. سندس عقيدتمند علي اڪبر درازيءَ کيس هفت زبان شاعر سڏيو آهي، پر سچل سرمست پنجن زبانن: سنڌي، سرائڪي، هندي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، جڏهن تہ ڄاڻ ستن زبانن جي رکندو هو، جنهن ۾ عربي ۽ پنجابي زبانون شامل آهن. پنجاب جي ڪن محققن سچل جي سرائيڪي شاعريءَ کي پنجابي قرار ڏنو آهي.
سچل سرمست هجري سن جي حوالي سان 90 سالن جي ڄمار ۾ 14 رمضان 1242ھہ مطابق 11 اپريل 1827ع ۾ وفات ڪئي.
ڪنهن عقيدتمند سچل جي وفات جي مادہ تاريخ هن ريت ڪڍي آهي:
سالکِ مستانه ’سچو‘ چونکه پيوستہ بحق
مست ’هو‘ پيوستہ شد تاريخ آن تاريخ آن!
1242ھہ
سچل سرمست جو مقبرو ٽالپر حاڪم مير رستم علي خان تعمير ڪرايو هو.
حضرت سچل سرمست جو سنڌي شاعريءَ ۽ صوفياڻي فڪر ۾ نهايت اوچو مقام آهي. سندس عقيدتمندن ۾ فقير نانڪ يوسف ۽ ٻيا ڪيترا نامور بزرگ ۽ شاعر شامل هئا، جن جي ڪلام تي سندس چٽو اثر موجود آهي. سچل سرمست جي ڪلام جو فڪري پهلو نهايت گوناگون آهي.
حضرت سچل سرمست وحدت الوجود/ همه اوست جو سچو پرچارڪ ۽ منصوري نعرو نروار ڪندڙ بزرگ هو. هو رندي طبيعت وارو ۽ حال توڙي قال جو صاحب هو. هن پنھنجي ڪلام ۾ حقيقت ۽ مجاز سميت انساني ڪيفيتن کي ڳائي، آفاقي حيثيت ڏني. سچل سرمست جي ڪلام ۾ بيشمار فڪري ۽ فني خوبيون آهن. هن تصوف جي آفاقي فڪر وسيلي خودشناسي ۽ خدا شناسيءَ جي تعليم ڏني آهي. هو تارڪ الدنيا نہ هو، پر عوام جي وچ ۾ رهي حق ۽ سچ جي ڳالھہ ڀير تي ڏؤنڪو هڻي ڪندو هو. هو دنياوي لذتن ۽ لالچن ۾ موهجي زندگيءَ جي مقصد کان عاري رهڻ کي ننديندو هو. وٽس مذهبي متڀيد نہ هو، پر هن انساني سماج ۾ هڪ نئين خوداعتماد، خوددار ۽ خودشناس انسان جي تعمير چاهي ٿي. هو هر قسم جي تفرقي جي خلاف هو. ملائيت، پيريءَ، شيخيءَ ۽ مخدوميءَ جي مصنوعي ماحول کي ڪنهن بہ صورت ۾ پسند نہ ڪندو هو. هن فرقي پرستيءَ کي رد ڪندي ’پاڻ سڃاڻڻ‘ جي تعليم ڏني. هو انسان کي حقيقت ۾ حق جو پرتوو سمجهندو هو. هن جي فڪري سگهہ ان مان ثابت آهي تہ هن جيئن ڏٺو، سمجهيو، پرکيو ۽ پروڙيو، تيئن ان کي بيان ڪيو. سچل سرمست شاھہ لطيف جي ڪلام کان بيحد متاثر هو. ان ڪري هن پنھنجي ڪلام ۾ لطيفي فڪر جو تسلسل قائم رکيو آهي. مارئي، سسئي، مومل راڻي، سارنگ، پورب وغيرہ جا سُر ساڳيا ڳايا اٿس، پر سرمستيءَ سان ڳايائين. ان کانسواءِ جوڳ، مالڪوس جهڙن راڳن تي آڌاريل شاعري بہ ڪيائين. سچل سرمست ڪافيءَ جي شاعريءَ کي وڏو اوج بخشيو ۽ پنھنجي دور جو ڪافيءَ جو وڏو شاعر آهي. سچل وٽ ڪافيءَ جا منفرد انداز ۽ نمونا موجود آهن. ان کانسواءِ هن نين صنفن ۾ بہ طبع آزمائي ڪئي، جن ۾ گهڙولي، جهولڻو، مرغ نامو، سرءُ نامو وغيرہ اچي وڃن ٿا، اهي هيئتون سچل سرمست جون تخليق آهن.
سچل مدهوشيءَ ۾ هوش جون ڳالهيون ڪندو هو ۽ هوش ۾ بيخوديءَ جا راڳ آلاپيندو هو. هن ڪلام ۾ ان ڳالھہ تي زور ڏنو آهي تہ مسلم ۽ غير مسلم، مالي طور مستحڪم توڙي غير مستحڪم، اگهن توڙي سگهن جا فرق انساني ذهن جي ايجاد آهن. ان ڪري هن ظاهري حياتيءَ ۾ انهن فرقن کي ميٽي حقيقت جي تلاش ۽ جستجو ڪئي. حضرت سچل سرمست نفس ڪشيءَ کي درست ڄاتو ٿي، پر منزلن جو قائل نہ هو، بلڪ سندس فڪري اڏام جو بنياد ۽ ڇيھہ ’همه اوست‘ ئي آهي. پاڻ فرمائي ٿو تہ:
اسين رانجهو هڪ ٿيوسين،
ميان سچو ٿيا نفس ميڏي دا منهن ڪالا
-
نہ ڪو آدم اتهين، نہ ڪو جسم جان،
نہ ڪا جزا جاءِ تنهين، نا سرت جو سامان،
نہ ڪو قدر، نہ ڪو جبر، خوشي، نا ارمان،
بيخبريءَ جو بيان، سچل ڪندين ڪيترو.
سچل سرمست جي ڪلام جو فڪري پهلو ’وحدة الوجود‘ جي فلسفي تي آڌاريل آهي.
حضرت سچل سرمست جو ڪلام ۽ ان جون خوبيون: سنڌ جي هن عظيم صوفي شاعر جو ڪلام پنجن زبانن سنڌي، فارسي، سرائيڪي، اردو ۽ هنديءَ ۾ ملي ٿو. حضرت سچل سرمست جي ڪلام جي سڀ کان اڳ ڇنڊڇاڻ مرزا علي قلي بيگ ڪئي، جنهن سچل جو ڪلام ٻن ڀاڱن ۾ ترتيب ڏنو. ان کانپوءِ نماڻي فقير، فقير نظر محمد شڪارپور واري جو نسخو، سفر فقير درازائيءَ جو نسخو، مير علي مراد خان جو ڇپرايل ديوان آشڪار بنيادي ماخذ رهيا آهن. سچل سرمست جي ڪلام جي محقق عثمان علي انصاريءَ ڄاڻايو آهي تہ هن قادرالڪلام همه اوست جي منصوري صفت واري شاعر جو ڪلام تمام گهڻو هو، جيڪو زماني جي ستم ظريفين سبب ناپيد آهي. سچل سرمست جو ڪلام مجموعي صورت ۾ هيٺين مجموعن جي صورت ۾ موجود آهي:
(1) سچل سرمست جو سنڌي رسالو (مرتب: عثمان علي انصاري)، (2) سچل سرمست جو سرائيڪي ڪلام، (3) ديوان آشڪار،
(3) رازنـامـه، (4) رهـبرنامـو، (5) گـذارنـامـه، (6) تـارنـامـه، (7) عشق نامه، (8) عاشقي الھام عرف سچل جو ڪلام (نماڻو فقير)، (9) رسالو سچل سرمست (رشيد احمد لاشاري) وغيرہ.
سچل سرمست جي ڪلام جي اڀياس تي ڪيتري ئي تحقيق ٿي چڪي آهي. ان کان سواءِ سچل سرمست جي سالياني عرس جي موقعي تي سچل سرمست يادگار ڪميٽيءَ پاران نڪرندڙ سرمست رسالو، سـخـي قـبول محمد فاروقيءَ جو انگريزيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊيءَ جو مقالو The Mysticism in Darazi School of Thought: 2009
ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ’سچل جو سنيهو‘ ۽ محمد ابراهيم جويي جو ’ شاھہ، سچل، سامي‘ اهميت وارا ڪتاب آهن.
فني خوبين جي لحاظ کان پڻ سچل جو ڪلام نهايت پختو ۽ ڪلاسيڪي قدرن جو حامل آهي. خاص طور بيتن ۽ ڪافين تي کيس ملڪو حاصل آهي. سندس ڪلام ۾ منصوري صدا آهي. سندس ڪلام مان تجلين ۽ ڪيفيتن جو مشاهدو ٿيندي محسوس ٿئي ٿو. بيتن ۽ ڪافين ۾ موسيقيءَ وارو منفرد آهنگ بہ سچل جي ڪلام جي فني خوبيءَ جو ڪمال آهي. سندس محاورو آسان، سادو، عام فھم ۽ سليس آهي. ڪلام ۾ ڪم آندل محاورا، ترڪيبون، استعارا ۽ تشبيهون ادبي خوبين جو مرقع آهن.
سچل سرمست جي شاعريءَ جون صنفون/ فن: سچل سرمست جي اظهار جو پيرايو فڪري طور بلند، اوچو ۽ پختو آهي. سندس ڪلام موسيقيءَ جي فن، ماترائن ۽ عروض جون حدون ڇھي ٿو. سندس فارسي ڪلام عروض تي پورو آهي، البت ڪافين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۽ موسيقيءَ کي سامهون رکيو ويو آهي، ان ڪري ڪٿي ڪٿي عروض متاثر ٿئي ٿو. جڏهن تہ بيت ۽ ڪافيون ڇند ۽ موسيقيءَ جي وزن تي آڌاريل آهن. سندس ڪلام ۾ بيت، وايون، سي حرفيون، مولود، مرثيا، مدح، گهڙولي، جهولڻا، ڪافيون، هجو، مرغ نامي، سرء نامي ۽ مثنويءَ جون صنفون ملن ٿيون.
سـچـل سرمـست ابتدائي دور ۾ پنهنجو ڪلام پاڻ لکـندو هو، جـڏهن کان سندس طبيعت ۾ مستي ۽ رندي آئي ۽ مٿس استغراق جي حالت طاري ٿيڻ لڳي، تڏهن تنبورو کڻي بيخوديءَ وچان نچندو هو، ان وقت سندس اکين مان ڳوڙهن جا نار وهندا هئا ۽ في البديھہ شاعري چوندو ويندو هو، جيڪا سندس طالب نقل ڪندا ويندا هئا. اهڙيءَ ريت سندس ڪلام جا ڪيترا بياض تيار ٿي ويا.
سچل سرمست جي شاعريءَ جي مليل ماخذن مان تحقيق بعد نؤ لک، ڇٽيھہ هزار، ڇھہ سؤ شعر ملن ٿا. ان کان سواءِ سچل سرمست جو ڪيترو غير مطبوعه ڪلام درگاھہ جي فقيرن ۽ طالبن کي بر زبان ياد آهي، جيڪو ٿوري فرق سان ڇپيل ڪلام جيترو ٿي سگهي ٿو. سندس ڪلام تصوف ۽ وحدت الوجود جي فلسفي جي سمجهاڻي ڏيندڙ آهي. عمر مارئي، سسئي پنهون، مومل راڻي، ليلا چنيسر، سھڻي ميهار، نوري ڄام تماچيءَ توڙي هير رانجهي جي تمثيلي ڪردارن کي کڻي عشق حقيقي جون رمزون سمجهايون اٿس. سندس شاعريءَ ۾ وطن جي سڪ، مارن سان دلي ۽ روحاني ڳانڍاپي جو عنصر پڻ نمايان ملي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ روجهن بابت چيل سندس بيت ان جو ڀرپور اظهار آهن. سچل جي شاعريءَ ۾ زبان جي ماهيت، سخن پروري، موسيقي، اظهار جي بيان، جمالياتي ذوق جون خوبيون موجود آهن. سندس شاعريءَ ۾ اوپرن لفظن جي ڀرمار، ڌارين اصطلاحن، دقيق ۽ ثقيل لفظن جي استعمال بجاءِ موضوعاتي پختگي، ٻوليءَ ۾ وطن جي مٽيءَ جو هڳاءُ ۽ ڪلاسيڪي عنصر ملي ٿو. سندس شاعريءَ جي بيهڪ، ترتيب، لطافت، ربط، تناسب ۽ توازن حيرت ۾ وجهندڙ آهن، جيڪي آسان ۽ عام فھم هجڻ سان گڏ فڪري طور پختا ۽ اصلاحي آهن. سچل جو سمورو ڪلام خود شناسي ۽ خدا شناسيءَ جو درس آهي.
سچل سرمست کي خاص طور تي ڪافيءَ تي دسترس حاصل هئي. جيتوڻيڪ شاعريءَ جي لڳ ڀڳ مڙني صنفن تي ڪلام سرجيو اٿس، جيڪو موضوعاتي لحاظ کان سگهارو ۽ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، پر سندس سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافيون پوءِ وارن شاعرن لاءِ فني ۽ فڪري طور ماخذ ۽ تتبع جو سبب بڻيون. بلا شاھہ کان پوءِ سچل سرمست ڪافيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن ڀٽائيءَ جي وائيءَ واري صنف بدران ڪافيءَ کي اهميت ڏني ۽ ڪافيءَ ۾ وڏي وسعت پيدا ڪئي، نوان تجربا ڪيا. عاشق ۽ معشوق جي گفتگو واري بيان هيٺ چيل سندس ڪافيون وڏو حظ ڏين ٿيون. سندس فن ۽ فڪر جي طرز پوين شاعرن توڙي سندس همعصرن لاءِ تقليد جو ڪارڻ بڻي. سرائيڪي ڪلام ۾ سندس چيل ڏوهيڙا، سي حرفيون، ڪافيون، جهولڻا، سنڌي بيت، وايون ۽ وحدت نامہ وغيرہ سڀ جا سڀ فني ۽ فڪري طور شاهڪار آهن. سـندس شاعـريءَ ۾ خيال جي نزاڪت، سـرمسـتيءَ جي جولانن واريون ڪيفيتون، حسن ۽ عشق جو بيان، اکين ۽ محبوب جي منهن جو بيان، زاهدن، عابدن، ملن، مولوين، پنڊتن، مذهبي دوئي ۽ ان جي ڦهلائيندڙن کي نندڻ وارا پهلو جاودان موضوع آهن. سچل پنھنجي شاعريءَ ۾ صوفياڻا اصطلاح ڪتب آندا آهن، جن ۾ احديت، وحدت، ڪثرت، بـرزخ، عـروج، نـزول، شهـود، زلف، رخ، خال، خطر، ابرو، رخسار، قد وغيرہ اچي وڃن ٿا. سچل جي شاعري رندانه ۽ سرمستي ڪيفيت واري آهي، جيڪا ظاهري ملن کي غير شرعي ۽ شطحيات واري معلوم ٿئي ٿي، پر اصل ۾ سچل اناالحق جي زبان سان جيڪي چيو آهي، سو انسان ذات جي معراج جو رستو آهي.
سچل سرمست جا طالب: سچل سرمست سموري ڄمار ڪنهن کي پنهنجو مريد ڪونه ڪيو، پر سندس حلقي ۾ ڪيترا طالب مريدن جيان رهندا هئا ۽ سندس صحبت مان فيضاب ٿي، صاحب علم، نامور صوفي شاعر ۽ حق شناس ٿيا. انهن مکيہ طالبن ۾ نانڪ يوسف فقير (اڳڙا)، يعقوب فقير ۽ سيد ميان خير شاھہ (رتوديرو)، جانو فقير پڃارو (شڪارپور)، سيد ميان دين محمد شاھہ، سيد ميان پير شاھہ، سيد محمد حيدر شاھہ، سيد ميان حسن شاھہ، شير خان فقير ڀنڀرو، شير علي فقير، محمد صديق فقير (لاڙڪاڻو)، فقير محمد صالح قادري (لاڙڪاڻو)، فقير محمد صالح ڀيو (خيرپور)، گھرام فقير جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن. هنن فقيرن حضرت سچل سرمست جي صحبت ۾ گذاريو ۽ اڳتي هلي سچل واري مڪتبه فڪر جي پرچار ڪيائون. هنن مان ڪي تہ اعلى پايي جا صوفي بزرگ ۽ شاعر ٿيا، جن سچل سرمست جي فڪر کي پکيڙڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ڪن اهم طالبن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
نانڪ يوسف: نانڪ يوسف، سچل سرمست جي مکيہ طالبن مان هو. يوسف ۽ يعقوب نالي سان ٻہ طالب مخدوم کهڙن وارن جا طالب هئا. کهڙن جا مخدوم در اصل سچل سرمست جي طريقت واري رستي جا ڪٽر مخالف هئا. روايت آهي تہ پاڻ ڪڏهن ڪڏهن کهڙن جي رئيس العلماءَ وٽ وڃي نڪرندو هو، هڪ ڀيري کهڙن ۾ ويو تہ مخدوم طالبن کي جامع مسجد ۾ ويٺي سبق پاڙهيو. تنهن تي سچل سائينءَ چيو ته، ”تنهنجن شاگردن کي انهيءَ علم مان ڇا حاصل ٿيندو؟ خدا ڪونه ملندن، پنهنجن شاگردن مان ٻہ شاگرد تہ مون کي ڏي.“ ان تي مخدوم صاحب سچل سرمست کي گهٽ وڌ ڳالهائي مڪتب مان ڪڍي ڇڏيو. مخدوم جي حلقي جي شاگردن مان يوسف ۽ يعقوب (جيڪي اڳڙن جا ويٺل هئا)، ساڳيءَ رات مخدومن جي مڪتب مان نڪري سچل سائينءَ وٽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچي حاضر ٿيا. تذڪرن ۾ اچي ٿو تہ سچل سرمست ٻنهي طالبن کي گهڻو گهرندو هو. هڪ ڏينهن مراقبي ۾ ٽي ڀيرا مسلسل يعقوب کي سڏ ڪيائين، يعقوب جي غير حاضر هجڻ تي ٽئي ڀيرا يوسف سڏ وراڻيو، ٽئين ڀيري سان مراقبي مان ٻاهر اچي يوسف کي ڀاڪر وجهي فرمايائين تہ: ”خدا تعالى امانت تو کي ئي ٿو ڏئي تہ پوءِ يعقوب کي ڪيئن ملندي؟“ ٻئي ڏينهن صبح جو يوسف کي ’نانڪ‘ جو خطاب ڏنائين، ان ڏينهن کان وٺي هو ’نانڪ يوسف‘ ڪوٺيو ويو.
نانڪ يوسف سچل جي حڪم تي تصوف جي عام پرچار ڪئي. چون ٿا تہ مير علي مراد خان ٽالپر لاڙڪاڻي ۾ کيس جاگير ڏني، جيڪا هن بي پهچن ۾ ورهائي ڇڏي. نانڪ يوسف ڳاڙهي پاجامي ۾ ملبوس يڪتارو کڻي، پيرن ۾ ڇير پائي پيو گهمندو ۽ ڳائيندو هو. هن ڪيترو ئي ڪلام چيو. نانڪ يوسف جو ڪلام سڀ کان اڳ ڄيٺمل پرسرام ترتيب ڏئي ڇپرايو هو، ان کانپوءِ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سندس ڪلام ترتيب ڏئي سنڌي ادبي بورڊ پاران ’نانڪ يوسف جو ڪلام‘ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو.
سيد خير شاھہ: سيد خير شاھہ سچل سرمست جي مکيہ طالبن مان صوفي شاعر ۽ سندس مڪتب فڪر جو پرچارڪ هو. رتيديري جو رهاڪو هو. سچل سرمست ٻہ ٽي ڀيرا لاڙڪاڻي جو پنڌ ڪيو هو. محققن جو خيال آهي تہ قوي امڪان آهن تہ انهن سفرن دوران سيد خير شاھہ سچل جو طالب ٿيو هوندو. سندس ولادت 1190 ھہ ۾ ٿي. مشھور آهي تہ سيد خير شاھہ بيحد حسين هو. سندس وار ايترا وڏا هئا، جو بيٺل حالت ۾ وارن جي هڪ چڳ پيرن جي آڱرين ۾ ڦاسائي ڦڻي ڏيندو هو. هو وارن سان چهري کي عام ماڻهن جي آڏو لڪائي هلندو هو.
هن 1260ھہ/ 1844ع ڌاري وفات ڪئي. هن رتيديري ۾ پنهنجو اوتارو قائم ڪيو، جتي هر روز سماع جي محفل ٿيندي هئي. پنھنجي ڪلام ۾ سچل سرمست جي جاءِ بجاءِ تعريف ڪئي اٿس. سچل جي حياتيءَ ۾ اڪثر درازن ۾ گذاريندو هو. سندس ڪلام ۾ تصوف، عشق، محبت، اخلاق ۽ نصيحت جا نقطا ملن ٿا. سچل جي تتبع ۾ هيٺين ڪافي چيائين:
جوئي آهيان، سوئي وي ميان!
هندو مومن آءٌ نہ آهيان!
هر ڪهين ۾ حسين منهنجو،
پوش لکيل ٿو پايان،
وچ مڪان رتيديري،
خير شاھہ نانءُ سڏايان.
گھرام فقير: هيءُ سچل جي پيارن ٻالڪن مان هو، سچل جي صحبت ۾ رهي سرائيڪي ڪافيءَ جو وڏو شاعر ٿيو. گھرام فقير اصل ڀاڳناڙيءَ جو ويٺل هو، سندس والد جو نالو بخش علي فقير هو. سندس والد اڳتي هلي نوابشاھہ ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ رهيو. گھرام فقير والد جي وفات بعد ٿرڙي محبت، نصيرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيو. هن 1162ھہ ڌاري جنم ورتو. عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. سنڌ ۽ بلوچستان جا سفر ڪيائين، حضرت سچل سرمست جي صحبت ۾ رڱجي ريٽو ٿيو. سچل سائينءَ کيس پنھنجي پڳ عطا ڪئي، جيڪا هن جي پونئرن وٽ اڄ بہ محفوظ آهي. هن خوبصورت پيرائي ۾ شاعري ڪئي ۽ حضرت سچل سرمست جي مڪتب جي پرچار ڪرڻ لڳو. سُنگ جي صورت ۾ ڳائيندو هو. 1262ھہ ۾ وفات ڪيائين.
ناپيد ڳالهيون پنهنجون، تن مان ڇا ڄاڻن عام ميان!
سوين سورهيه سنڀري هليا، هن تڪيي تي تمام ميان!
ڪوڙين مان هن ڪات تي ڪو هڪ ڀريندو هام ميان!
سوريءَ هسوار ڪيئي، منصوري ڏئي مام ميان!
ڀري پيالو پريم جو، هن جنگ پيتو جام ميان!
فقير محمد صلاح: فقير محمد صلاح ذات جو جيهو هو، سندس وڏا اصل ۾ لاڙڪاڻي جا هئا. ننڍي هوندي کان سندس طبيعت عشق الاهيءَ جي جستجوءَ طرف مائل هئي. سيوهڻ ۾ لعل شھباز قلندر جي مزار ۽ سکر ۾ جيئي شاھہ جي مزار تي رياضتون ڪيائين. آخر جيئي شاھہ جي مزار تي خواب ڏٺائين ۽ ان جي روشنيءَ ۾ درازا اچي سهڙيو. سچل جي مڪتبه فڪر سان جو لنءُ لڳس تہ ٻيا ورق وساري سالڪ بڻجي ويو. هن ڪيتروئي ڪلام چيو. وٽس هميشہ سماع جون محفلون جاري رهنديون هيون. هن پنھنجي ڪلام ۾ وينجهارن، واڍوڙن، پاهت، پيوند ڳنڍڻ، ڏڏن کي ڏس ڏيڻ، لهرون لنگهي پار پوڻ، واٽان کستوري واسجڻ، جھڙا اصطلاح ۽ موضوع آندا. مقامي رنگ وارو اهو عنصر مٿس سچل جي اثر جو نتيجو هو. ٽالپر حاڪم بہ هن جا خاص معتقد هئا. مير علي مراد خان ٽالپر تہ فقير محمد صلاح جو خاص عقيدتمند هو. فقير قادر بخش بيدل سندس گهرو دوست هو.
هن 80 ورهين جي ڄمار ۾ 25 ربيع الثاني 1275 ھہ/ 3 ڊسمبر 1858ع ۾ وفات ڪئي. هن بزرگ جي درگاھہ تي ميلو لڳندو آهي، جتي حضرت سچل سرمست جو ڪلام ڳايو وڃي ٿو. هن سچل سرمست جي عقيدت ۾ ڪيتروئي ڪلام چيو، سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ساھہ سڄڻ توکي ساري، منهنجو يار مدامي!
جاڪون اٿم ساھہ سرير ۾، سڪ تنھنجي سھڻا سائين.
نہ ٿيندي طلب تمامي!
صلاح سائين، سهسين سڪايل، برھہ تنھنجي ڪيا باندي
ڪيـئي عالـم علامي!
پيرو شاھہ: پيرو شاھہ ولد شاھہ محمد بخاري اصل ۾ گمبٽ، ضلعي خيرپور جي ڳوٺ رسول آباد جو ويٺل هو. هي سچل سرمست جي ويجهن طالبن مان هو. سچل سائين پڻ کيس گهڻو گهرندو ۽ پيار ڪندو هو. ٽالپر حاڪمن وٽ بہ سندس چڱي ڏيٺ ويٺ هئي. هن جي مزار رسول آباد شھر جي ڇيڙي تي ڏکڻ ۾ واقع آهي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
سر ننگو، پير ننگا، ننگا سندي نام،
وائي هل هلان سندي، تنين صبح شام،
ڄمندي جيڪي ڄام، ملا تن منجهائين!
سچل سرمست جي دور جون سياسي حالتون: سچل سرمست جي پيدائش ڪلهوڙن جي زماني ۾ ٿي، جڏهن تہ سندس ڀرپور شخصيت ۽ شاعريءَ جي عروج وارو زمانو ٽالپرن جو دور آهي. سچل سرمست جي زماني ۾ سـنڌ ملـڪ اندر غير يقينيءَ واري صورتحال هئي. ڌارين جي يـلـغـارن سان سنڌ جي معيشت کي هڪ طرف ڪاپاري ڌڪ رسيو ۽ ٻئي طرف ثقافتي قدرن سميت صوفياڻي طرز فڪر تي پڻ ضرب رسائڻ جون ڪوشـشـون ڪـيـون ويـون. انـهـن حـالـتـن ۾ هن سرمست صوفيءَ همه اوست جو نعرو هڻي هر قسم جي دوئي/ ملائيت کي علي الاعلان ننديو.
سچل سرمست جي دور ۾ سنڌ تي ٿيل ننڍن وڏن حملن، جنگين ۽ اندروني اختلافن/ ويڙهن جو تذڪرو هيٺ ڏجي ٿو:
■ سنڌ ملڪ تي ڪلهوڙن توڙي ٻين مقامي اثر رسوخ وارن قبيلن جون ننڍيون وڏيون ويڙهون ۽ لڙايون ٿيون، ■ خان آف قلات جو حملو 33-1732ع، ■ ڪلهوڙن جوکهڙا شھر تي حملو 33-1732ع،
■ ڌاريجن ۽ ڪڪرالن جي وچ ۾ ويڙھہ 1739ع، ■ نادر شاھہ جي سنڌ تي قهري ڪاھہ 40-1739ع، ■ احمد شاھہ ابداليءَ جي ڪاھہ 1745ع،
■ ميان مرادياب ۽ ميان غلام شاھہ جي ويڙھہ 1757ع، ■ ميان غلام شاھہ ۽ ميان عطر خان ۾ ويڙھہ 1757ع، ■ ڪڇ جي راجا جا سنڌ تي حملا 64-1763ع،
■ مير بھرام خان ۽ مير صوبدار خان جي شهادت کانپوءِ سنڌ ۾ سرد جنگ 1775ع، ■ ميان سرفراز خان جي معزوليءَ تان گهرو ويڙھہ 1776ع، ■ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن وچ ۾ گهرو ويڙھہ 1776ع، ■ عزت يارخان پٺاڻ تي حملو ۽ شڪارپور ۾ سنڌي فوج جي ساڻس جنگ 1781ع، ■ تيمور شاھہ جو حملو 82-1781ع، ■ مدد خان پٺاڻ جو حملو ۽ ڪوس 1781ع، ■ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي آخري فيصلي ڪن هالاڻيءَ واري جنگ 1782ع، ■ مـيـرن جـي پهريـن چـويـاري ۽ سـنڌ کي ڀاڱن ۾ تقسيم ڪرڻ 1782ع، ■ مير فتح خان ۽ مير عبدالله خان جي شهادت 1783ع، دلاور پٺاڻ جو سنڌ تي حملو 1788ع، ■ شاھہ شجاع جو سنڌ تي حملو- کرڙيءَ واري جنگ 1803ع، ■ سکن جو سنڌ تي پهريون حملو 1823ع، ■ سکن جو سنڌ تي ٻيو حملو 1825ع.
هن دور ۾ نادر شاھہ جو حملو سنڌ تي وڏي ۾ وڏي ڪاھہ هئي، جنهن ۾ سنڌ جا ڳوٺ، وسنديون، شھر وغيرہ ڌارين حملي آورن لٽي، ڦري تاراج ڪيا. نادر شاھہ کي ان حملي جو موقعو ڪلهوڙن توڙي ٽالپرن جي ڪمزور حاڪميت سبب مليو. ان وقت سنڌ اندر گهرو ويڙھہ ڌارين حملي آورن لاءِ راهون هموار ڪيون. هنن حملن سنڌ ۾ نہ فقط معاشي تنگي پيدا ڪئي، بلڪ فڪري ۽ نظرياتي طور سنڌ جي صوفياڻي فڪر کي بہ ناقابل تلافي ڇيهو پهتو. ان حملي ۾ نادر شاھہ هڪ ڪروڙ جنگ جو خراج وٺي ۽ ويھہ لک روپيا ساليانو تاوان مقرر ڪري واپس موٽيو، جيڪو سنڌ ڪيتري عرصي تائين ادا ڪندي رهي. انهن مڙني حالتن ۾ سچل سرمست، لطيفي رمز جي ڪُني جو ڍڪڻ لاٿو ۽ همه اوست جو نعرو هڻي نظرياتي مورچي تي انهن حالتن ۽ هلائن جو ڄمي مقابلو ڪيو.