خواب

خواب: ننڊ جي ڪن خاص مرحلن ۾ مختلف عڪسن، خيالن ۽ جذبن جو انساني دماغ ۾ وقت به وقت اچڻ واري ڪيفيت کي خواب چئجي ٿو. هر عمر جي انسان کي ننڊ دوران عجيب ۽ غريب خيال، تصور ۽ منظر ڏسڻ ۾ ايندا آهن. انساني ارتقا کان وٺي خوابن جو موضوع بحث هيٺ رهندو پيو اچي. خوابن جي تعبير جو سلسلو پڻ 4000 کان 5000 ق. م قديم ٻڌايو وڃي ٿو.
سڀ کان اوائلي خوابن جا اهڃاڻ قديم عراق مان دريافت ٿيل ڪن دفترن مان مليا آهن، جيڪو مواد 5 هزار سال پراڻو چيو وڃي ٿو. قديم يونان ۽ روم ۾ خوابن کي مذهبي حوالي سان ڏٺو ويندو هو. اتي جا رهاڪو ان خيال جا هئا ته اهي خواب ديوتائن ۽ ديوين جا پيغام آهن، يا مري ويلن جي ڄاڻ آهي. سميري تهذيب ۾ ستين صدي عيسويءَ ڌاري، ان وقت جي شهنشاهه ’اثر بني پال‘ خوابن ۾ وڏي دلچسپي ورتي. سندس پراڻي دفتر مان مٽيءَ جي ٺهيل تختين تي ڪيترن عجيب ۽ غريب خوابن جون ڪهاڻيون دريافت ٿيون آهن. قديم مصر جي رهاڪن جو خيال هو ته خوابن ذريعي سندن ’خدائون‘ کين زيارت ڪرائين ٿا، ۽ جيڪي ماڻهو اهم خواب ڏسندا هئا، تن کي نيڪ سمجهيو ويندو هو. قديم عبرانين (يهودين) خوابن جو تعلق مذهب سان ڄاڻايو آهي، جيئن ته اهي وحدانيت جا قائل هئا، ان ڪري خوابن کي به خدا جو آواز تصور ڪندا هئا. ان کان سواءِ هنن خوابن کي ٻن قسمن ۾ ورهايو هو، هڪڙا الهامي خواب ۽ ٻيا شيطاني خواب. قديم چين جا رهاڪو وري ان عقيدي جا هئا ته جسم مان روح نڪرڻ کان پوءِ خوابن جي دنيا ۾ هليو وڃي ٿو، ان ڪري اڄ به چين وارا ’الارم‘ (Alarm Clock) رکڻ کان پاسو ڪندا آهن. چين جي هڪ فلاسافر اپئنهداس (Upanhdas) خوابن بابت لکيو آهي ته خواب دراصل انسان جي اندروني خواهشن جو اظهار آهن. پنجين صدي ق. م ڌاري يونان جي ’ائنٽي فون‘ نالي هڪ فلاسافر خوابن تي هڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن کان دنيا جا ڪيترا ماڻهو متاثر ٿيا. هن جو چوڻ هو ته سمهڻ دوران انسان جو روح پرواز ڪري وڃي ٿو. هپوڪريٽس (Hippocrates) 399-469 ق. م دوران خوابن متعلق نظريو پيش ڪندي لکيو ته ڏينهن جو انساني روح ڪيترن واقعن ۽ حالتن مان گذري ٿو ۽ رات جو اهي واقعا، عڪس جي صورت ۾ خوابن ۾ نظر اچن ٿا. ناليواري يوناني فلاسافر ارسطو (322-384 ق.م) خوابن بابت لکيو آهي ته خواب جسماني سرگرمين مان جنم وٺن ٿا. خوابن ذريعي مختلف بيمارين بابت اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي.
ڪيترا قديم آمريڪي قبيلا ۽ ميڪسيڪو جون قديم تهذيبون خوابن کي ابن ڏاڏن سان ملڻ جو ذريعو تصور ڪنديون هيون. پروٽيسٽنٽ چرچ جي باني ’مارٽن لوٿر ڪنگ‘ خوابن کي شيطاني عمل قرار ڏنو هو، جڏهن ته مشهور ڪئٿولڪ چرچ جي پادرين ايس. ٽي. آگسٽائين ۽ ايس. ٽي. جيوروم جي دعويٰ آهي ته سندن زندگيءَ ۾ خوابن وڏي تبديلي آندي. قرآن پاڪ جي سورة يوسف ۾ به خوابن جو ذڪر آهي. آهستي آهستي 19 صدي عيسويءَ ڌاري سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ کان پوءِ ڪيترن فلاسافرن ۽ نفسيات جي ماهرن خوابن کي ڪا اهميت نه ڏني آهي. سندن خيال هو ته خواب بيچينيءَ، خانداني مسئلن، پيٽ جي خرابيءَ ۽ ناچاڪيءَ جهڙن سببن ڪري نظر اچن ٿا. علم نفسيات جي ماهر سگمنڊ فرئڊ خوابن جي اهميت ۽ نفسيات تي‘The Interpretation of Dreams’ (خوابن جي تعبير) نالي ڪتاب لکيو، جيڪو 1899ع ڌاري شايع ٿيو. ان ڪتاب ۾ هو لکي ٿو ته ڪن خواهشن جي پوري ٿيڻ پٺيان ڪي خواب هوندا آهن. هن اهو به لکيو آهي ته ڪجهه خواب مصنوعي، ڪجهه مبهم، جڏهن ته ڪي جنسي نوعيت جا هوندا آهن. مبهم خوابن پٺيان لاشعوري خواهشون ۽ تصور هوندا آهن. ٻي صدي هجريءَ ۾ جنم وٺندڙ آر. ٽي. ميڊرس خوابن بابت هڪ اهم ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن خواب جي تشريح هن ريت ڪئي آهي. ”هڪ خواب هر معاملي ۽ هر شخص لاءِ هڪ معنيٰ رکي ٿو، ان جو انحصار وقت ۽ جڳهه تي آهي. خاص طور جڏهن ڪنهن خواب جي صحيح تعبير ڪرڻي آهي ته ان لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته خواب ڏسڻ وارو مرد آهي يا عورت، صحتمند آهي يا بيمار، آزاد آهي يا غلام، امير آهي يا غريب ۽ پوڙهو آهي يا ٻار.“
عام طور مختلف فلاسافرن ۽ نفسيات جي ماهرن خوابن کي هيٺين قسمن ۾ ورهايو آهي: (1) اهي خواب، جن جو واسطو اسان جي روزمرهه جي زندگيءَ جي عملن، خيالن ۽ مصروفيتن سان آهي. (2) اهي خواب، جيڪي اسان جي ذهن ۾ موجود ڪن خاص معاملن، مونجهارن ۽ غم يا خوشيءَ جي ڪيفيتن جي عڪاسي ڪن ٿا. هن قسم جي خوابن کيEmotional Dreams يعني ’جذباتي خواب‘ چئجي ٿو. (3) اهڙا خواب، جيڪي ماضيءَ جو اولڙو ٿين ٿا، يعني ڪنهن پراڻي واقعي، واردات، منظر يا ذهن ۾ چٽيل نقش جي عڪاسي ڪن ٿا ته ان قسم جي خوابن کي ويوُئل سڏجي ٿو. (4) مردن توڙي عورتن جي اڪثر خوابن جو موضوع جنسي نوعيت جو به هوندو آهي، اهڙي قسم جي خوابن کي ‘Wet Dreams’ چئجي ٿو. (5) ڪي ماڻهو ساڳيا خواب وري وري ڏسندا آهن، جن کيRe-occurring Dreams’ چئجي ٿو. ان کان سواءِ 1940ع کان 1985ع جي وچ ۾ آمريڪا جي ويسٽرن رزرو يونيورسٽيءَ جي محقق ڪئلون ايس. هال 50 هزارن کان وڌيڪ خوابن ڏسندڙن جو معائنو ڪري هڪ رپورٽ تيار ڪئي، جنهن مان اها ڳالهه سامهون آئي ته گهڻي ڀاڱي سڄيءَ دنيا جا ماڻهو ساڳيا خواب ڏسن ٿا. مطلب ته خوابن متعلق ڪيتريون ئي تشريحون، نظريا ۽ وضاحتون سامهون آيون آهن، پر اڄ تائين خوابن جو اصل مقصد مبهم آهي. جديد سائنسي تحقيق موجب خواب نفسيات سان وابسته آهن ۽ هڪ عام صحتمند عمر وارو انسان هڪ رات ۾ ٻن ڪلاڪن جي حساب سان زندگيءَ جا ڇهه سال خوابن ۾ گذاري ٿو. ڪن ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته جانور ۽ پکي به خواب ڏسن ٿا.
ڪجهه مسلم عالمن، خوابن ۽ انهن جي تعبير بابت ڪتاب به لکيا آهن. جديد سوچ وارن مستقبل جي تصورن کي خواب جو نالو ڏيندي لکيو آهي ته، ”جيڪو زندگيءَ ۾ خواب (تصور) نه ٿو لهي، اهو بهتر زندگيءَ جو سوچي ئي نٿو سگهي.“ [ماخذ: (1) ’خواب ۽ انهن جو تعبير‘، امام ابن سيرين رحمة الله عليه، سنڌيڪار: پروفيسر غلام حسين جلباڻي،
(2) خواب (Encyclopedia of Dreams) (اردو: گستاو هينڊ مين ملر، مترجم: نوشين فريحه، (3) (www.wikipedia.com).]


لفظ خوابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو